شيخ اياز گهڻ رخي شخصيت 

0
390
شيخ اياز گهڻ رخي شخصيت 
شيخ اياز گهڻ رخي شخصيت 

 مون ڪٿي پڙهيو آهي ته فلسفي جو تعلق دماغ سان، سائنس جو تعلق جسم سان ۽ ادب جو تعلق دل سان آهي. جڏهن دل اداس ٿيندي آهي ته ميران ٻائي جي تنبوري جون تارون ٽٽي پونديون آهن ۽ ڪائنات ماتمي بنجي ويندي آھي. دل جڏهن مستي ۾ ايندي آهي ته پهاڙي جهرڻن مان سهاڳ جا گيت ڦٽندا آهن . دل جڏهن بود ۾ ڀرجي ايندي آهي ته شاهه جو سر سارنگ جنم وٺندو آهي ۽ دل جڏهن بغاوت ڪندي آهي ته هوشو، هيمون، دولهه دريا خان، شهيد مالڪ خشڪ، شهيد ذڪريا ميمڻ، شهيد نظير عباسي، شهيد رزاق سومرو جهڙا ڪردار جنم وٺندا آھن. شيخ اياز ترقي پسند، قومپرست اديب هو. هن جتي شاعري جا واهڻ وهايا، اتي نثر ۾ به پاڻ ملهايو. اياز جي نثر توڙي نظم آمرن جي محلن کي لوڏي ڇڏيو. نه صرف هن جي ڪتابن تي بندش وڌي وئي، پر هن جي آزادي تي به وار ڪيا ويا ۽ هن کي جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويو. سندس لکيل ساهيوال جيل جي ڊائري انهي ڳالهه جو واضح ثبوت آهي. اها نومبر کان فيبروري 69ع تائين سندس ٻي جيل ياترا هئي. ان کان پهرين 65 ۾ چئن مهينن تائين جيل ۾ واڙيو ويو ۽ ٽيون دفعو مئي 71 کان جنوري 72 تائين سرڪاري مهمان رهيو.

اياز هڪ ترقي پسند شاعر هو، فن براءِ فن کي اهميت ڏيڻ بجاءِ فن براءِ عوام کي اهميت ڏني. هن جتي قومي گيت ڳايا، اتي هن سماج ۾ بک، غربت ۽ جهالت خلاف پڻ جهاد ڪيو. جيڪو هيٺ ڏنل شعرن مان پسي سگهجي ٿو جيئن ته

وڏو نانءُ الله جو، ڀر جي ڪجي ڪٿ

سڀ کان وڏي وٿ ٻاجھارا هي ٻاجهري

يا

روئندي روٽي لئي، نياڻي کي نڙي پئي

تڙي تي تڙي ھوند ڏني اڻ هوند کي

يا

اي هوا آءُ، هن جهوپڙي ۾ ڏيئي جي وٽ وساءِ

هاءِ بکايل، اڌ اگهاڙي نياڻي جي لڄ لڪاءِ.

شيخ اياز شروع ۾ اردو ۾ شاعري پڻ ڪئي. انهيءَ شاعري تي مشتمل سندس ڪتاب نيل کنٹھ اور نیم کے پتے، بوئے گل نالہ دل، دانش ایاز، میری شاعری میری صلیب، اوراق زیرین  ۽ سخن آفرين ڇپيل آهن. اهي سڀ ڪتاب 2007 ۾ سنڌ ثقافت کاتي طرفان بوئے گل نالہ دل نالي ڪتاب ۾ يڪجا ڪري ڇاپيا ويا آهن. اردو شاعري لاءِ فهيم شناس ڪاظمي اياز کي سنڌ جو ٻيجل ۽ پبلو نرودا لکيو آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته شيخ اياز پبلو نرودا وانگر مسلسل جدوجهد جي علامت آهي، جنهن زندگي جي آخر وقت تائين، احتجاج، انقلاب، حسن ۽ فطرت کي پنهنجي ڪينواس تي ائين چٽيو آهي، جو تاريخ هن جا هٿ چمڻ تي مجبور ٿي آهي. هن اهو به لکيو آهي ته برصغير جي جديد شاعري ۾ فيض احمد فيض کانسواءِ ٻيو ڪو به شاعر شيخ اياز جي همصري نٿو ڪري سگهي. اياز پوءِ اردو ۾ شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني. اياز لکيو آھي ته هن کي سنڌي شاعري تي جيڪا سنڌ ۾ موٽ ملي اها شايد اردو جي شاعري تي نه ملي ها.

شيخ اياز سنڌ جي لوڪ داستان کي هڪ نئون روپ ۽ سڃاڻپ ڏني. انهيءَ لاءِ شيخ اياز لکيو آهي ته “مون هر لوڪ داستان کي هڪ نئين علامتي زندگي ڏني آهي. مثلن سر ليلا چنيسر ۾ مون ذريعن ۽ مقصد (Means and Ends) جو فلسفو ڏنو آهي. سر نوري ڄام تماچي ۾ مون “تاريخ هيرو ٺاهين ٿا يا هيرو تاريخ ٺاهين ٿا” جو مسئلو اجاگر ڪيو آهي. سر مارئي ۾ مون وجوديت جو فلسفو پيش ڪيو آهي. سر مومل راڻو ۽ سر سسئي ۾ مون نظريي ۽ اصولن جي اهميت جي وضاحت ڪئي آهي. سر ڪاپائتي ۾ مون فن ۽ فن نه سکڻ جي نتيجن جي اپٽار ڪئي آهي. سر سورٺ فن ۽ فنڪار هڪ جان هئڻ جي حوالي سان آهي، مون انهيءِ ۾ وضاحت ڪئي ته فن ۾ اعلى پائي جي مهارت حاصل ڪندڙ کي ٻي جي جان وٺڻ جي بجاءِ پنهنجي جان ڏيڻ کپي. هن سر جا خاص ڪردار سورٺ راءِ ڏياج ۽ ٻيجل آهن. سورٺ، ٻيجل جي راڳ تي موهت ٿي پنهنجو سرقربان ڪيو”.

ان کان علاوه ڊرامي دودي چنيسر ۾ شيخ اياز انسانيت تي ويساهه جن اعليٰ قدرن جو ذڪر ڪيو آھي. جنگ تي وڃڻ کان اڳ ۾ چوي ٿو ته

جي تون وڙهندين ماريو ويندين

دودا تنهنجو ساهه ته ويندو

پر ماڻهو تان ويساهه نه ويندو.

شيخ اياز سنڌ جي قومي حقن جي حاصلات ۽ جدوجهد جي علامت آهي، هن جي سڄي شاعري ان سان ڀريل آهي. انهيءِ تي تفصيل سان لکڻ هڪ مضمون ۾ ممڪن نه آهي، انهيءِ تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. اڄ جڏهن هڪ طرف سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، سنڌ جي اقتصادي ڦرلٽ پڻ جاري آهي ۽ ٻي طرف سنڌ ۾ ڌارين آباد ڪاري ۾ روز بروز اضافو ٿي رهيو آهي، ان وقت سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪا منظم جدوجهد هلائڻ جي بجاءِ سنڌ جي قومي تحريڪ جي اهڃاڻ شيخ اياز جو گهيرو ڪيو ويو آهي ۽ هن جي سڄي شاعري ۾ آخري دور ۾ لکيل دعائن کي بنياد بنائي شيخ اياز تي تنقيد جا تير وسايا پيا وڃن. ان موقعي تي مون کي عبدالواحد آريسر جا مولانا ابوالڪلام آزاد جي حوالي سان لکيل جملا ياد ٿا اچن، جنهن ۾ مولانا آزاد لکيو ته “جڏهن هلاڪو خان بغداد تي حملو ڪيو ۽ هن ڪتاب خانا ساڙيا ۽ ماڻهن جون سسيون وڍي انهن جا منارا پئي ٺاهيا ته ان وقت بغداد جا عالم انهيءَ بحث ۾ لڳا پيا هئا ۽ هڪ ٻئي کان سوال پي پڇيائون ته حضرت عيسى چوٿين آسمان تي آهي يا ستين آسمان تي. ” انهيءِ وانگر اڄ اسان جا دانشور شيخ اياز جي آخر دور واري شاعري ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر ٿيڻ واري ڳالهه کي بنياد ٺاهي، اياز کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن. منهنجي خيال ۾ اياز جي شاعري اڄ به اهڙن دانشورن لاءِ هڪ قومي مورچي مثل آهي، جنهن ۾ هن چيو ته

هيءُ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ

پر سنڌ اياز نه مرڻي آ