شهيد ناظم ڪيس: افضل جوکيو 164 واري بيان ۾ ڇا چيو؟ ٽائيم نيوز بيان جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي

0
497
ٽائيم نيوز بيان جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي
شهيد ناظم ڪيس: افضل جوکيو 164 واري بيان ۾ ڇا چيو؟ ٽائيم نيوز بيان جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي

ڪراچي: شهيد ناظم جوکيو جيس ۾ ڊرامائي تبديلي ان وقت ڏسڻ ۾ آئي جڏهن ڪيس جي فريادي افضل جوکيو 164 جو بيان رڪارڊ ڪرائي جوابدار ڄام عبدالڪريم کي ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو. ٽائيم نيوز پاران هٿ ڪيل بيان جي ڪاپي ۾ افضل جوکيو پاران چيو ويو آهي ته ”هن وقت ڄام ڪريم مونکي ساک ڏني آهي ته ان جو قتل ۾ ڪوبه تعلق ناهي- پر ڄام اويس ۽ ٻيا ملوث آهن- ڄام عبدالڪريم کي هن ڪيس مان ڪڍيو وڃي ۽ ڄام عبدالڪريم هن ڪيس ۾ ملوث ناهي!“

جڏهن ته ان کان اڳ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي فريادي افضل جوکيو دعويٰ ڪئي هئي ته هن ڪيس مان ڄام عبدالڪريم جو نالو ڪڍرائڻ جي حوالي سان ڪو بيان ناهي ڏنو، هو جوابدارن جي حوالي سان پنهنجي موقف تي قائم آهي پر سندس 164 واري بيان جي ڪاپي سندس انهي دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ واضع طور تي هن ڄام عبدالڪريم کي ڪيس مان آجو قرار ڏيڻ جو بيان ڏنو آهي

ھي به پڙھندا

شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل ڪيس تان ڦري وڃڻ وارا الزام رد ڪري ڇڏيا