شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل ڪيس تان ڦري وڃڻ وارا الزام رد ڪري ڇڏيا

0
877
شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ

ڪراچي: شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو اهڙن الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، جن ۾ چيو ويو آهي ته هن ڪيس مان ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو جو نالو ڪڍرائي ڇڏيو آهي. شهيد ناظم جوکيو جو مفت ڪيس وڙهندڙ وڪيل محمد خان شيخ پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ اها دعويٰ ڪئي هئي ته افضل جوکيو عدالت آڏو 164 جو بيان ڏيندي ڪيس مان ايم اين اي عبدالڪريم جوکيو جو نالو ڪڍرائي ڇڏيو آهي ۽ ان تي مون کي ڏک پهتو آهي

بعد ۾ ٽائيم نيوز سان به ڳالهائيندي محمد خان شيخ چيو ته هڪ پاسي سموري سنڌ شهيد جي وارثن سان گڏ آهي ۽ ٻئي پاسي شهيد جي ڀاءَ ايم اين اي عبدالڪريم جو نالو ڪيس مان خارج ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪو افسوسناڪ آهي. ٽائيم نيوز پاران رابطو ڪرڻ تي شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو چيو ته اهڙن الزامن جي سختيءَ سان ترديد به ڪيان ٿو ۽ مذمت به ڪيان ٿو. هن چيو ته مون اهڙو ڪو به بيان نه ڏنو آهي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي ڪيس تان هٿ نه کنيو آهي. هن چيو ته انهن الزامن ۾ ڪا به صداقت نه آهي ته مون ايم اين اي جو نالو ڪيس مان خارج ڪرايو آهي

ھي به پڙھندا

ايم اين اي عبدالڪريم ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث نه آهي: شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ جو عدالت ۾ بيان