ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجي ويجھو ڳوٺ آچار سالار لڳ شڪارين جي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ تشدد بعد قتل ٿيل شھيد ناظم جوکيو جي امڙ جميلا جوکيو پنهنجي وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن پٽ ناظم جوکيو جي ناحق خون سان انصاف نه ٿيو ته آئون پنهنجو پاڻ کي ماري ڇڏينديس، هن چيو ته بااثر وڏيرا اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ مسلسل ڌمڪائي رھيا آھن پر آئون پنهنجي شھيد پٽ جو ڪيس مرڻ گهڙيءَ تائين وڙهنديس، قاتلن کي ڪيفري ڪردار تائين پھچائينديس، جميلا جوکيو وڌيڪ چيو ته وڪيلن اسان ساٿ ڇڏي ڏنو آهي ان ڪري ڪيس ڪمزور ٿيو آهي، هن مطالبو  ڪيو ته ڄام عبدالڪريم جوکيو ۽ نياز سالار احمد شورو کي گرفتار ڪيو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته آپگهات ڪنديس، جنهن جي ذميوار سنڌ سرڪار هوندي. واضح رهي ته 2 ڏينهن اڳ شھيد ناظم جوکيو جي وني شيرين جوکيو جو به ساڳيَ قسم جو وڊيو بيان سامھون آيو، جنهن مان واضح  ٿي ٿو ته ناظم جوکيو جا وارث سخت دٻاءُ ھيٺ آهن.