شهيد بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه، سنڌ اسيمبلي ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور

0
21

Benazir Bhutto was a Pakistani politician and stateswoman who became the  first woman leader of a Mus… | Womens dress coats, Famous speeches,  Beautiful women over 50

سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي اڄ 71 هين سالگره ملهائي پئي وڃي، نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني جي تقريب

 صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، صوبائي وزير ۽ اڳواڻ شرڪت ڪندا، لياري جي علائقي چاڪيواڙا ۾ پيپلزپارٽي پاران جلسو ڪيو ويندو

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته شهيد راڻي جي سالگرهه جي موقعي تي ڪارڪنن جو وڏو انگ شرڪت ڪندو، جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا

جڏهن ته سنڌ اسيمبلي شهيد بينظير ڀٽو جي 71 هين سالگرهه جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، ٺهراءُ پيپلزپارٽي جي ايم پي اي نثار کهڙو پيش ڪيو، جيڪو مڪمل اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو

 ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته شهيد بينظير ڀٽو جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، هوءَ جمهوريت جي چيمپئن هئي، بينظير ڀٽو جلاوطني ختم ڪري وطن واپس پهتي ته مٿس قاتلاڻو حملو ڪيو ويو

شهيد بينظير ڀٽو قاتلاڻي حملي باوجود جمهوريت لاءِ جاکوڙ جاري رکي ۽ کيس 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي ۾ جلسي دوران شهيد ڪيو ويو، اڄ شهيد بينظير اسان سان گڏ نه آهي پر جمهوريت ۽ جمهوري نظام آهي