شهيدن جي وارثن کي مطمئن ڪرڻ جي ضرورت

0
166

اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو اهڙو زخم آهي جنهن مان اڃان رت ڳڙي رهيو آهي۽ عوام کي ڇرڪ ڀرڪائي رهيو آهي. سانحي ۾ شهيد ٿيل  معصوم شاگردن جي وارثن جي سور جو ته ڪو سنڌو ئي نه ٿو ڪري سگهجي.

رهيا حڪمران انهن کي ڇاآهي؟ اهي سمجهن ٿا   واقعي تي انهن ٻه مذمتي بيان جاري ڪري،شهيدن جي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪري ۽ دهشتگردن، کي دهشتگردي جي اجازت نه ڏبي جو بيان جاري ڪري ڄڻ پنهنجي ذميواري پوري ڪري ورتي.

شهيدن جا وارث اڃان تائين انصاف لاءِ عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهن. ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ انهي درخواست جي شنوائي ٿي ۽ سپريم ڪورٽ جي طلب ڪرڻ تي وزيراعظم پيش ٿي پنهجو جواب ڏنو.شنوائي ۾ انهي واقعي جي ذميوار طالبان سان ڳالهين ڪرڻ جو به ذڪر  نڪتو جنهن تي مخالف ڌر ته اڳ ئي اعتراض ڪري چڪي آهي ۽ سپريم ڪورٽ به حيرت جو اظهار ڪيو ۽ هڪ معزز جج پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا اوهان وري هڪ ٻئي سرينڊر تي صحيح ڪرڻ وڃي رهيا آهيو؟

جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته انهي شنوائي سان وري اهي ڦٽ اٿلي پيا آهن جيڪي وقت گذرڻ سان  رڳو والدين تائين محدود هئا، انهي شنوائي دوران وري سڄي عوام اها تڪليف محسوس ڪئي جيڪا معزز ججن جي ريمارڪس ۾ به عيان هئي، جڏهن انهن دهشتگردن سان حڪومت جي ڳالهيون ڪرڻ ۽ ٺاهه جو ذڪر نڪتو ته  سپريم ڪورٽ چيو  تھ مسٽر پرائيم منسٽر! پاڪستان ڪو ننڍو ملڪ ناهي، اسان وٽ دنيا جي ڇهين وڏي آرمي آهي، ڇا اسان وري ڪو سرينڊر ڊاڪيومينٽ سائين ڪرڻ پيا وڃون، ڇا توهان ڏوهارين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ آيا آهيو؟

جڏهن ته چيف جسٽس آف پاڪستان وزيراعظم کي مخاطب ٿي چيو ته شهيدن جي وارثن کي مطمئن ڪيو، جنهن تي وزيراعظم چيو ته اوهان حڪم ڏيو ته ايڪشن کڻنداسين، هتي ڪير به مقدس ڳئون ناهي.اي پي ايس سانحي سڄي قوم کي ڌوڏي ڇڏيو هو جنهن کانپوءِ ئي دهشتگردن خلاف سخت آپريشن جو فيصلو ڪيو ويو ۽ سڄي عوام انهي فيصلي جي تائيد ڪئي .

پر اڄ تائين شهيدن جا وارث وري به انصاف لاءِ رلندا ٿا وتن جيڪو هنن جو موقف آهي، اڄ ملڪ جي معزز ۽ وڏي ۾ وڏي عدالت به اهو ئي سمجهي ٿي ته اها انٽيليجنس جي ناڪامي هئي.

سپريم ڪورٽ چيو ته هڪ پاسي اسان جي انٽيليجنس کي دنيا جي بهترين انٽيليجنس مڃيو وڃي ٿو ۽ انهن تي اربين رپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا پر جڏهن ڳالهه پنهنجي ماڻهن جي بچاءُ جي اچي ٿي ته اهي ناڪام ٿي وڃن ٿا.شاگردن جي وارثن جو به اهو ئي موقف هو ته جيڪي پنهنجي ذميواري پوري نه ڪري سگهيا انهن خلاف ڇو ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي؟

جڏهن ته سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي چيو ته هو انهن وارثن کي مطمئن ڪري. جڏهن ته وزيراعظم چيو اوهان حڪم ڏيو اسان ڪارروائي ڪنداسين.جنهن کانپوءِ شنوائي مهيني تائين ملتوي ڪئي وئي آهي ۽ وزيراعظم جي صحيح سان رپورٽ ايندڙ شنوائي تي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته هي شنوائي اصل ذميوارن تائين پهچڻ ۾ مددگار ٿيندي، ڇاڪاڻ ته قانون کان ڪو به مٿانهون ڪونهي ۽ وزيراعظم چواڻي ڪا به مقدس ڳئون ناهي.هڪ طرف حڪومت کي انهن دهشتگردن سان ٺاهه بابت هلندڙ ڳالهين جو به جواب ڏيڻو پوندو ڇاڪاڻ ته انهن دهشتگردن سان ڳالهيون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڏنل قربانين کي ضايع ڪرڻ برابر آهن ته ٻئي طرف اي پي ايس سانحي جي ذميوارن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي والدين کي مطمئن ڪرڻو پوندو ۽ ثابت ڪرڻو پوندو ته واقعي ئي ڪير به مقدس ڳئون ناهي.