ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )ڪراچي واٽر بورڊ جي اختيارين شهداءِ ڪربلا جي  چاليهي جي موقعي تي لاڳاپيل عملدارن کي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ان حوالي سان واٽر بورڊ جي ايم ڊي رفيق قريشي جي صدارت هيٺ  ٿيل اجلاس ۾ چاليهي جي حوالي سان انتظامن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي ايم ڊي پاران لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي وئي ته مسجدن، امام بارگاهن، مجلس گاھن، سبيلن ۽ جلوس جي رستن تي نيڪالي جي سمورين شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي.  گڏجاڻي ۾ سمورن چيف انجنيئرن کي پنھنجي ماتحت عملي سميت هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايتون جاري  ڪيون ويون آهن.