شهباز شريف جو صدر ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن کي فون، عيد جون واڌايون

0
139
شهباز شريف جو صدر

ڪراچي(م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف صدر عارف علوي ۽ هٿياربند فوج جي سربراهن سميت سمورن اتحادين کي ٽيليفون ڪري عيد جي مبارڪباد ڏني آهي

وزيراعظم شهباز شريف صدر عارف علوي، چيئرمين جوائنٽ چيفس جنرل نديم رضا، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، ايئر چيف ظهير احمد بابر ۽ نيول چيف ايڊمرل امجد نيازي کي ٽيليفون ڪري عيد جي مبارڪباد ڏني

شهباز شريف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سردار تنوير الياس کي به ٽيليفون ڪري عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ والاريل ڪشمير جي عوام تي عيد نماز جي اجتماعن تي پابندي جي مذمت ڪئي

وزيراعظم ڪشميرين کي ووٽ جو حق ملڻ تائين سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جواظهار پڻ  ڪيو

شهباز شريف سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن سميت بلوچستان جي وقتي گورنر کي به عيد جون واڌايون ڏنيون

ھي به پڙھندا

سڄي ملڪ ۾ اڄ عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي