شلپا شيٽي مڙس مٿان لڳل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو

0
215

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور ڀارتي اداڪاره شلپا شيٽي مڙس مٿان فحش فلمون ٺاهڻ جي الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي.ڀارتي ميڊيا موجب شلپا شيٽي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته راج ڪندرا فحش فلمون ٺاهڻ ۾ ملوث نه آهي ۽ راج جي هاٽ شاٽ ايپ تي جيڪو مواد موجود آهي ان کي فحش نٿو چئي سگهجي. رپورٽ موجب شلپا شيٽي پوليس کي اعتراض جوڳو ۽ فحش ۾ فرق ٻڌائيندي چيو ته ان جو مڙس اعتراض جوڳيون فلمون ٺاهيندو آهي جنهن کي پورن نٿا چئي سگهون.ڀارتي ميڊيا موجب اداڪاره شلپا شيٽي جو ان ڪيس سان سڌو سنئون ڪوبه تعلق نه آهي پر پوليس اداڪاره کي جاچ ۾ شامل ڪيو ڇو ته ان جي علم ۾ اها ڳالهه آئي هئي ته شلپا راچ جي ڪمپني جي ڊائريڪٽر واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي چڪي آهي.رپورٽ ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته شلپا مڙس جي ڪمپني طرفان فحش فلمون ٺاهڻ تي استعيفيٰ ڏني.