شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر ۾ سماجي ورڪر سرور ڏاهري جي گهر مان لڳل ڌاڙي خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران مين بس اسٽاپ کان پوليس اسٽيشن تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي وقار جٽ، امداد ڏاهري، ڪامريڊ نظير، نور محمد ڏاهري، جباري جوڻيجو، زاهده ڏاهري، سبحاني ڏاهري ۽ ٻين چيو ته ٻه مهينا گذرڻ باوجود پوليس چوري واپس ناهي ڪرائي سگهي، هنن چيو ته انصاف گهرڻ لاءِ پوليس اسٽيشن وڃون ٿا ته ايس ايچ او ڌمڪيون ڏئي خاموش ڪرائي ڇڏي ٿو، هنن مطالبو ڪيو ته سماجي ڪارڪن جي گهر مان ٿيل چوري واپس ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.