ورلڊ ڪپ جو مها دنگل: ڀارت پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 152 رنس جو هدف ڏئي ڇڏيو

0
229
پاڪ ڀارت مها دنگل
ورلڊ ڪپ جو مها دنگل: ڀارت پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 152 رنس جو هدف ڏئي ڇڏيو

دوبئي: ٽي ٽوينٽي ورلڊ ڪپ جي مهادنگل ۾ ڀارت پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 152 رنس جو هدف ڏئي ڇڏيو. ڀارت مقرر 20 اوورز ۾ 7 وڪيٽس جي نقصان تي 151 رنس ٺاهيون. ڀارت پاران ويرات ڪوهلي 57 ۽ ريشب پنت 39 رنس ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان پاران شاهين شاهه آفريدي 3 وڪيٽس، حسن علي 2، شاداب ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. شاهين شاهه آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ ڀارتي بيٽنگ لائين کي لاڳيتو دٻاءَ ۾ رکيو. ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي شاهين شاهه آفريدي جي بال تي 57 رنس تي آئوٽ ٿي ويو. ان کان اڳ شروعاتي ٻه وڪيٽون به شاهين شاهه آفريدي ورتيون. ميچ جي پهرين ئي اوور ۾ ڀارتي اوپنر روهيت شرما شاهين شاهه آفريدي جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. ميچ جي ٽئين اوور ۾ شاهين شاهه آفريدي ون ڊائون تي آيل ڪي ايل راهول کي بولڊ ڪري ڇڏيو. ڇهين اوور ۾ حسن علي جي بال تي ڀارت جو ٽيون بيٽسمين سوريا ڪمار ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ڀارت جي ٽئين وڪيٽ 31 رنس تي ڪري پئي. ڀارت جي چوٿين وڪيٽ 84 رنس تي ڪري پئي.  رشپ پنت 39 رنس ٺاهي شاداب خان جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو. 125 رنس تي ڀارت جي پنجين وڪيٽ ڪري پئي ۽ رويندر جاديجا حسن علي جي بال تي 13 رنس ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. ڇهين وڪيٽ ويرات ڪولهي جي هئي، جيڪو شاهين شاهه آفريدي جي بال تي آئوٽ ٿيو. آخري وڪيٽ هاردڪ پانڊيا جي هئي، جيڪو حارث رئوف جي بال تي 11 رنس ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو