سيوھڻ(ن پ ا) شاھ پنجوسلطان واسڻ ناري سيتا واسي نوجوان سان سيوھڻ جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي. خيرپور ناٿن شاھ جو پريمي جوڙو سيوھڻ پھچي ڳوٺ شاھ پنجو سلطان واسي ناري شازيا ڌي الھواريو جوڳي پنھنجي ماسات سيتا جي رھواسي صداقت علي جوڳي سان سيوھڻ جي عدالت ۾ شادي ڪئي آھي. بعد ۾ سيوھڻ پريس ڪلب پھچي پريميڪا ناري صحافين کي ٻڌايو ته منھنجا عزيز منھنجي زبردستي شادي ٻئي ھنڌ ڪرائڻ لاء ڌمڪائي رھيا ھئا، جنھن ڪري مون پنھنجي رضا خوشي سان گھران نڪري پنھنجي ماسات صداقت علي جوڳي سان سيوھڻ جي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي، جنھن ڪري منھنجا عزيز پوليس معرفت ھراسان ڪري رھيا آھن جنھن ڪري اسان کي جان سان مارڻ جو خطرو آھي ھنن ايس ايس پي دادو ۽ وس وارن ادارن کان مطالبو ڪيو ته اسانکي تحفظ ڏنو وڃي.