شاهد خاقان، ڊاڪٽر عاصم، مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين سياستدانن جا ريفرنس احتساب عدالت منتقل

0
143
شاهد خاقان، ڊاڪٽر عاصم، مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين سياستدانن جا ريفرنس احتساب عدالت منتقل
شاهد خاقان، ڊاڪٽر عاصم، مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين سياستدانن جا ريفرنس احتساب عدالت منتقل

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال سميت ٻين سياستدانن توڙي ڪامورن جا نيب ريفرنس واپس موڪليا ويا آهن

پارليامينٽ مان نيب قانون ۾ ترميم جي منظوري کانپوءِ احتساب عدالت مان اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو ريفرنس چيئرمين نيب ڏانهن واپس موڪليو ويو هو، ڊاڪٽر عاصم حسين، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال، اسٽيل مل جي اڳوڻي چيئرمين معين آفتاب شيخ، ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي جا ريفرنس واپس موڪليا ويا هئا

اڳوڻي سيڪريٽري بدر جميل منڌرو، اڳوڻي ڊي جي ڪي ڊي اي ناصر عباس سميت ٻين جا ريفرنس به  نيب چيئرمين ڏانهن واپس موڪليا ويا هئا

ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڪراچي جي احتساب عدالت کي شاهد خاقان عباسي، ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ رئوف صديقي سميت ٻين جا ريفرنس ٻيهر ملي ويا آهن

ذريعن موجب ناڻي واري اڳوڻي وزير عبدالحفيظ شيخ خلاف ريفرنس واپس نيب ڪورٽ کي ملي ويو  آهي

نيب ذريعن موجب عبدالحفيظ شيخ خلاف قومي ناڻي کي 11.1 ملين ڊالر جو نقصان پهچائڻ ۽ پورٽ قاسم سميت ٻين پورٽس لاءِ سافٽ ويئر جي تياري جي مد ۾ ڪرپشن جا الزام آهن