“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

دادو ۽ نوشهروفيروز ضلعا پاڻ ۾ مليل آهن پر انهن جي وچ ۾ رڳو سنڌو درياهه آهي. ٻنهي ضلعن جي ماڻهن جون زمينون، مٽون مائٽيون، سڱابندي، دوستيون دشمنيون ٻنهي پاسي آهن جيڪي پاڻي ۾ اٽڪندا رهن ٿا. سنڌ ۾ امن هجي ته پوءِ ٻيو ڇا کپي، اهڙي ريت وري دشمنيون دوستيون نڀايون پيون وڃن. دادو ضلعو وري بدامني جي اوڙاهه ۾ آهي ۽ هن ڀيري به پوليس جي روايتي ڪردار سبب وڌيڪ خونريزي جو خطرو آهي. ٿيو هيئن آهي جو گذريل ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات ڪچي جي پوليس ٿاڻي اسماعيل جا ڀاڻ جي حد ڳوٺ گل محمد شاهاڻي مان علي گوهر شاهاڻي جون 3 مينهون چوري ٿيڻ کانپوءِ متاثر ڌر جا ماڻهو مينهن جا پيرا کڻي ڪيٽي جتوئي ۾ پهتا ته فائرنگ ۾ منٺار پٽ محمد مٺل ۽ طالب پٽ علي بخش شاهاڻي قتل ٿي ويا. اهڙو اطلاع ملندي ئي موندر سميت وڏي انگ ۾ هٿيارن سان مسلح ماڻهو ڪيٽي جتوئي پهتا. جتي 4 ڪلاڪن تائين هلندڙ فائرنگ کانپوءِ لانڍين ۽ زمينن تي قبضو ڪيو ويو. انهيءَ دوران دادو مان پوليس اٽالن ڪيٽي جتوئي پهچي پوليس پڪٽ قائم ڪئي. انهيءَ سان گڏ شاهاڻي ڌر جي ماڻهن پڻ غلام مرتضيٰ ۽ عاقب خان جتوئي جي لانڍين ۽ زمينن ۽ سندن رک تي مورچا بند ٿي ويهي رهيا، جنهن کانپوءِ ڇڪتاڻ شدت اختيار ڪري وئي آهي. ٻن ڳوٺاڻن جي قتل واقعي جي ايف آءِ آر دادو جي ڪچي واري پوليس ٿاڻي اسماعيل جا ڀاڻ تي مينهن جي مالڪ علي گوهر شاهاڻي جي پٽ خادم حسين شاهاڻي جي فرياد تي عليم پٽ محمد عيسيٰ جتوئي، ياسين جتوئي، علي گل جتوئي، بشير عرف بشو جتوئي، سڪندر سبزوئي جتوئي، غلام علي لاشاري، گاگو لاشاري، رياض لاشاري، پوڙهو لاشاري ۽ اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف داخل ڪئي وئي آهي.
ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته مٿيان 7 جوابدار سندس مينهون ڪاهي ويا، جن جا پيرا کڻي ڪيٽي جتوئي ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي جي لانڍي تي وياسين ته اتي عليم جتوئي ۽ ياسين جتوئي مٿين هٿياربندن سان ويٺا هئا، جن کي مينهون واپس ڪرڻ جو چيو ته هنن ڳوٺ گل محمد شاهاڻي مان لڏو کڻي گهر خالي ڪرڻ جو چيو، ايتري ۾ جوابدار ڪلاشنڪوف جا سڌا فائر ڪري سندس ٻن ڌنارن کي قتل ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهڙي واقعي ۽ ڇڪتاڻ کانپوءِ غلام مرتضيٰ جتوئي سردار چاڪر خان، مير منظور پنهور، لياقت علي جتوئي، ارباب غلام رحيم سان رابطا ڪري کين ٽياڪڙي ۽ فيصلو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو آهي، جنهن جي باوجود بنگلن، لانڍين ۽ زمين تي ڪيل قبضو ختم ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي پاران ڪيل پريس ڪانفرنس دوران واقعي کي سياسي سازش قرار ڏيندي چيو آهي ته گورنر سنڌ جتوئي هائوس تي اچڻ کانپوءِ سازش تحت هي واقعو ڪرايو ويو آهي. اسان هر پاءُ پلاند ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ان جي باوجود به اسان جي لانڍين تي دادو پوليس جي مدد سان قبضا ڪري قيمتي مشنري ۽ سامان ڦر ڪيو ويو آهي. هٿياربندن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي سگھه رکون ٿا پر اسان قبيلائي تڪرار نه ٿا چاهيون. واقعي جو قانوني حل ڪڍڻ لاءِ مختلف سردارن سان رابطا ڪيا آهن.
علائقي ۾ صورتحال اڃا به ڇڪتاڻ واري آهي. غلام مرتضيٰ جتوئي جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ايس ايس پي هائوس دادو ۾ ايس ايس پي اعجاز احمد شيخ جي متاثر ڌر سان اهم گڏجاڻي ٿي آهي جنهن ۾ سردار چاڪر خان شاهاڻي پڻ شامل هو. پوليس ذريعن موجب ٻن ڪلاڪن تائين گڏجاڻي ٿي پر ايس ايس پي دادو توڙي سردار چاڪر خان شاهاڻي بار بار رابطن باوجود به موقف نه ڏنو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهاڻي ڌر جي ماڻهن، ايف آءِ آر ۾ ملوث جوابدار پيش نه ڪرڻ تائين غلام مرتضيٰ جتوئي جي بنگلن ، لانڍين ۽ زمينن تان قبضو ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. تڪرار جو اصل ڪارڻ ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمين جي والار آهي ۽ ڌرين ۾ ان تي 20 سالن کان به تڪرار هلندڙ آهي. 17 سال اڳ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ شاهاڻي ڌر جي ماڻهن ۾ فيصلو پڻ ٿيو هو جنهن ۾ اهو طي ڪيو ويو هو ته سيٽلمنٽ کاتي جا عملدار اچي ماپ ڪندا جيڪا زمين شاهاڻي ڌر جي حصي ۾ ايندي اها سندن حوالي ڪئي ويندي پر زمين جي ورهاست وارو معاملو 17 سالن کان حل نه ٿي سگهيو آهي.
اهي به اطلاع آهن ته غلام مرتضيٰ جتوئي پاران مختلف برادرين جي سردارن سان رابطا ڪرڻ پوءِ مير منظور پنهور ، لياقت علي جتوئي ۽ ٻين تڪرار نبيرڻ لاءِ سردار چاڪر خان شاهاڻي سان رابطا ڪيا آهن جنهن کانپوء سردار چاڪر خان شاهاڻي قتل ٿيل ڳوٺاڻن جي وارثن ۽ نيڪ مردن سان گڏجاڻي ڪئي آهي جنهن ۾ اهو طي ڪيو ويو آهي ته پهريان ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار پيش ڪيا وڃن ان کانپوءِ ڪيل قبضو ختم ڪيو ويندو. اهڙي طرح ڌرين جي موقف ۾ لچڪ پيدا ٿيڻ کانپوءِ معاملو قبائلي تڪرار کان هٽي ڪري ٺاھ ڏانهن وڌي رهيو آهي. اها ئي اميد به ڪجي ته معاملو ڳالهين سان نبيريو وڃي. انتظاميا به قدم کڻي ۽ عوام جون حياتيون بچايون وڃن.