ڪورونا وائرس، سنڌ ۾ اسڪولز، ھوٽلز ۽ پارڪس بند ڪرڻ جو فيصلو

0
296

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا، نائين کان مٿي درجي جا تعليمي ادارا امتحانن کانسواءِ بند هوندا، تفريحي پارڪس، واٽر پارڪس، سي ويو، هاڪس بي، ڪينجهر ڍنڊ جمعي کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، انڊور ڊائننگ کي سڀاڻي راتکان بند ڪرڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ اسڪول پهرين کان اٺين درجي تائين جمعي کان بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. جڏھن تھ سنڌ ۾ مختلف قسم جا 356 ڪيسز 12 جولاءِ 2021 تائين ظاھر ٿيا آھن، يوڪي ويرينٽ جا 92، سائوٿ آفريقا 162، برازيلين 29، انڊين 66، پي ون 501، 3 وي، واءِ جا 3 ۽ وائلڊ ٽائپ جو ھڪ ڪيسز ظاھر ٿيا.