تهران (م ڊ) شام ۾ اسرائيل جي هوائي حملي ۾ ايراني پاسدارانِ انقلاب جو هڪ ٻيو سينيئر اڳواڻ مارجي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايراني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اسرائيل دمشق ويجهو هوائي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاسدارانِ انقلاب ميمبر مارجي ويو. پاسدارانِ انقلاب موجب مقدد ميغاني جعفر آبادي جمعي واري ڏينهن اسرائيلي حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو جيڪو ڪالهه زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، هو شام ۾ فوجي صلاحڪار طور ذميواريون انجام ڏئي چُڪو هو. ايران جو چوڻ آهي ته اسرائيل کي پنهنجي ڏوهه جو جواب ڏيڻو پوندو ۽ ان جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. شام ۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملو مارچ جي مهيني دوران لاڳيتو ڇهون حملو هو، جنهن ۾ پاسدارانِ انقلاب جو ميمبر مارجي ويو آهي. ايران جو چوڻ آهي ته ان جا آفيسر دمشق جي دعوت تي شام ۾ صلاحڪاري ڪردار ادا ڪندا آهن، شام ۾ جنگ دوران هينئر تائين پاسدارانِ انقلاب جا ڪيئي سينيئر ميمبر حياتيون وڃائي چڪا آهن.