روهڙي (ن پ ا) پاڪستان ريلوي پاران ٻوڏ ۽ برسات دوران ٽريڪ خراب ٿيڻ ڪري رڪجي ويل ٽرينن جي بحاليءَ جو ڪم شروع، اٽڪل 8 مهينن کانپوءِ شاليمار ايڪسپريس کي بحال ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن ڊي ايس ريلوي سکر ڊويزن محمود حسن لاکي ڪراچيءَ کان لاهور ويندڙ شاليمار ايڪسپريس جي مسافرن جو روهڙي ريلوي اسٽيشن تي پهچي آڌرڀاءُ ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 8 مهينن بعد شاليمار ايڪسپريس کي ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي ته جيئن ريل ذريعي سفر ڪندڙ عوام تيز ترين ۽ محفوظ سفر جو فائدو حاصل ڪري سگهي. هن چيو ته پهرين مئي کان 15 مئي تائين شاليمار ايڪسپريس جي سمورن ڪلاسن جي ڪراين ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي رهندي، جڏهن ته  16 مئي کان 31 مئي تائين تمام ڪلاسز جي ڪراين ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي رهندي ۽ جون کان معمول موجب ڪرايو ورتو ويندو. ڊي ايس ريلوي سکر محمود حسن لاکي جو وڌيڪ چوڻ هو ته مالي مسئلن جي ڪري ڪجهه ريل گاڏيون بحال نه ٿي سگهيون آهن، انهن کي به جلد بحال ڪيو ويندو.