ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بالر شاداب اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي سالگرهه جون واڌايون ڏيندي کيس باڊي بلڊنگ ڪرڻ ۽ سڪس پيڪ ٺاهڻ جو مشورو ڏنو. شاداخب خان سرفراز احمد سان گڏ پنهنجي ياددگار شيئر ڪندي ڪرڪيٽ ۾ سندس مدد جا ٿورا مڃيا. شاداب خان سرفراز سان مخاطب ٿيندي چيو ته هاڻ اوهان جا رڳو سڪس پيڪس ڏسڻ گهران ٿو. واضح رهي ته 22 مئي 1987ع تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ۽ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد ڪالهه 34 هين سالگرهه ملهائي، سندس جنم ڏڻ تي سوشل ميڊيا تي به کيس واڌاين جو سلسلو جاري رهيو.