سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو چوٿون ميل اسٽاپ جي رھواسڻ سجنا نوناري هڪ نجي ميڊيڪل سينٽر ۾ نارمل  ڊليوري وسيلي ٻن پٽن ۽ ھڪ نياڻي کي جنم ڏنو، ھڪٻئي وقت ٽن ٻارڙن جي جنم تي ماءُ ۽ پيءُ  پاران انتهائي خوشي جي اظهار ڪيو ويو، ٻارڙن جي والد سھراب نوناري ٻڌايو ته چار سال اڳ نياڻي جو اولاد ٿيو هو، جيڪا فوت ٿي وئي هئي، ھاڻي الله سائين چئن سالن کان پوءِ ٽن ٻارن جي اولاد عطا ڪئي آهي، ٻئي پاسي ڊاڪٽر نور جھان مگسي چيو ته ٽئي ٻار ۽ ماءُ مڪمل طور صحتمند آهن،