سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ويجهو ڏهين ڪلاس جا پيپر ڏئي واپس ويندي 2 شاگردن سان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، ٻيو زخمي اسپتال منتقل. سڪرنڊ ويجهو قومي شاهراهه صابو راهو اسٽاپ ڀرسان موٽرسائيڪل کي ٽرالر جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ سڪرنڊ مان پيپر ڏئي موٽندڙ هڪ شاگرد فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻيو زخمي ٿي پيو. حادثي ۾ شاگرد ڳوٺ مٺو بنگلاڻي واسي 19 سالن جو ڪبير بنگلاڻي ولد علي شير بنگلاڻي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس دوست صابو راهو جو رهواسي 18 سالن جو موهن باگڙي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي نازڪ حالت ۾ نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته فوتي نوجوان شاگرد ڪبير بنگلاڻي جو لاش تعلقي اسپتال سڪرنڊ مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو.