سکر (بيورو رپورٽ) پريا ڪماري رھائي ڪاميٽي پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪئمپ جاري رکي وئي، شديد ٿڌ باوجود ڏينھن رات گذريل ٽن مھينن کان ڊاڪٽر نذير کوکر، مخدوم بلال جاگيراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ڪئمپ جاري رهي، محرابپور کان زرعي يونيورسٽي جي شاگردياڻي ڪامريڊ انساءَ سنڌي ميمڻ احتجاجي ڪئمپ ۾ شرڪت ڪري يڪجھتيءَ جو اظھار ڪيو، اڳواڻن جو چوڻ آھي ته سکر ايوب گيٽ جي رھواسي علي اصغر مڱريو کي 8 سال ٿي ويا آھن، جنھن متعلق ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي جي آءِ ٽي جاچ به ڪئي، اغوا ڪارن جو به پتو ھجڻ باوجود مغوي نينگر بازياب ناھي ٿي سگھيو، جڏهن ته معصوم پريا ڪماري کي آگسٽ 2021 ۾ 10 محرم الحرام تي اغوا ڪيو ويو، جيڪا پڻ بازياب ناهي ٿي سگهي، هنن مطالبو ڪيو ته مغوين کي بازياب ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.