سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ضلعي ۾ ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ھڪ ضلعي ڪائونسل، 2 ميونسپل ڪاميٽين ۽ 6 ٽائون ڪاميٽين تي مڪاني چونڊ ٿيندي، سکر ضلعي ۾ ھڪ ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٽن ٽائون ڪاميٽين ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. نثار احمد صديقي، جيئي شاھ ۽ مڪي شاھ ٽائون ڪاميٽين جو اضافو، پنوعاقل ٽائون ڪاميٽيءَ کي ميونسپل ڪاميٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن طرفان پھرين مرحلي ۾ سکر، لاڙڪاڻو، شھيد بينظير آباد ۽ ميرپور خاص  ڊويزن ۾ بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. جنھن تحت ھن ڀيري سکر ضلعي ۾ ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ھڪ ضلعي ڪائونسل. 2 ميونسپل ڪاميٽين ۽ 6 ٽائون ڪاميٽين تي اليڪشن ٿيندي. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سال 2015ع ۾ ٿيل مڪاني چونڊن ۾ سکر ضلعي اندر ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ھڪ ضلعي ڪائونسل، ھڪ ميونسپل ڪاميٽي ۽ چئن ٽائون ڪاميٽين تي اليڪشن ٿي ھئي، جنھن ۾ ھاڻي اضافو ڪيو ويو آھي. سکر ميونسپل ڪارپوريشن جي ماتحت ٽن ٽائون ڪاميٽن جو اضافو ڪيو ويو آھي. جنھن ۾ ٽائون ڪاميٽي مڪي شاھ، جيئي شاھ ۽ نثار احمد صديقي جو اضافو ڪيو ويو آھي. اھڙي طرح پنوعاقل ٽائون ڪاميٽي کي ميونسپل ڪاميٽيءَ جو درجو ڏنو ويو آھي. مجموعي طور تي ھڪ ميونسپل ڪارپوريشن، ھڪ ضلعي ڪائونسل، 2 ميونسپل ڪاميٽيون روھڙي ۽ پنوعاقل، 6 ٽائون ڪاميٽيون مڪي شاھ، جيئي شاھ، نثار احمد صديقي، باگڙجي، ڪنڌرا، صالح پٽ شامل آھن. سکر ميونسپل ڪارپوريشن 32 يونين ڪاميٽين تي مشتمل آھي، جڏھن ته ضلع ڪائونسل 42 يونين ڪائونسلز تي مشتمل ھوندي. اھڙي طرح ٽائون ڪاميٽي مڪي شاھ ۽ جيئي شاھ ۾ 11، 11 يونين ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آھن في يونين ڪاميٽي ۾ چار وارڊ ٺاھيا ويا آھن، ساڳي طرح ٽائون ڪاميٽي نثار احمد صديقي ۾ 10 يونين ڪاميٽيون قائم ڪيون ويون آھن في يونين ڪاميٽيءَ ۾ چار وارڊ ٺاھيا ويا آھن. باگڙجي ٽائون ڪاميٽي ٽن وارڊن، ڪنڌرا ٽائون ڪاميٽي 6 وارڊن، صالح پٽ تائون ڪاميٽي 8 وارڊن تي مشتمل آھي. جڏھن ته  ميونسپل ڪاميٽي روھڙي چئن يونين ڪاميٽين ۽ 12 وارڊن تي مشتمل آھي. ساڳي طرح پنوعاقل يونين ڪاميٽي چئن يونين ڪاميٽين ۽ 16 وارڊن تي مشتمل آھي.