سکر (بيورو رپورٽ) جھانگھڙو پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ ٻن ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ وارو معامرو، گرفتار مبينا ڏوھارين کي علاج بعد سول اسپتال کان ٻنھي جوابدارن کي جيل اماڻيو ويو. سول اسپتال ٻاھران مبينا مقابلي ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل منصور مغل جي ڀاءٌ روھڙي واسي محمود احمد ميڊيا کي ٻڌايو ته سندس ڀاءٌ منصور احمد ۽ اُن جي دوست آصف علي پوليس 3 ڏينھن اڳ بيگناھ گرفتار ڪيو ھو، جن کي سي سيڪشن ٿاڻي تي بند ڪيو ويو ھو، جنھن بعد گذريل رات دير سان نامعلوم ھنڌ مقابلو ڏيکاري ٻنھي ڄڻن کي گوليون ھڻي زخمي ڪيو ويو آھي جيڪو سراسر ظلم آھي. ھن چيو ته ڀاءٌ ڪنھن به ڏوھي ڪاررواين ۾ ملوث ناھي، اڳ مٿس ڪو به ڪيس داخل نه ٿيل ھو. ھوڏانھن گذريل رات دير سان جڏھن ٻنھي زخمين کي علاج لاءِ اسپتال آندو ويو ته سندن وارث عورتون توڙي مرد پھتا جن جي پوليس سان منھن ماري پڻ ٿي، جن به الزام مڙھيو ته پوليس بيگناھ گرفتاري بعد اسان جي نوجوانن کي گوليون ھڻي ظلم ڪيو آھي. واضع رھي ته ايس ايس پي سکر عرفان سمون جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته جھانگڙو ٿاڻي جي حد ڪٽپر پل وٽ مقابلي بعد ٻن ڏوھارين منصور مغل ۽ آصف کي ھٿيارن سميت گرفتار ڪيو ويو آھي، جيڪي موٽر سائيڪل ڦر، چوري ۽ پوليس مقابلن سميت ٻين ڪيسن ۾ پوليس کي گھربل ھئا، پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار منصور مٿان مختلف ٿاڻن تي 12 مختلف نوعيتن جا ڪيس داخل ٿيل آھن، جڏھن ته آصف مٿان 4 مختلف ٿاڻن تي ايف آءِ آرز داخل ٿيل آھن.