سکر (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران ڪورونا وائرس ڦھلجڻ کان روڪڻ لاءِ ھفتي ۾ ھڪ ڏينھن مڪمل لاڪ ڊائون ڪرڻ واري فيصلي کي سکر جي انتظاميا ۽ دڪاندارن ٿڏي ڇڏيو آھي. جڏھن ته ڪالھه جمع ڏينھن سکر شھر ۾ لاڪ ڊائون ڪرڻ بجاءِ سموريون بازارون کليل رھيون. بازارن ۾ خريدارن توڙي دڪاندار جو وڏو رش نظر آيو. شھر ۾ ڪورونا وائرس کي روڪڻ لاءِ سماجي مفاصلي واري فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاء مقرر ڪيل پوليس پڻ بغير ماست جي گھمندي نظر اچي رھيا ھئا. جنھن سبب سکر شھر ۾ ڪورونا وائرس جي ڦھلجڻ جو خدشو وڌي ويو آهي.