قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد پوليس رات جو ڳوٺ لونگ خان کوسو تي چڙهائي ڪري ڊگري ڪاليج قاضي احمد جي ملازم غلام مصطفي کوسو، سندس نوجوان پٽ عمران کوسو کي گرفتار ڪري سندن مٿان چرس ۽ شراب رکڻ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان گرفتار ٿيل غلام مصطفيٰ کوسو جي وارثن ٻڌايو ته پوليس بااثرن جي چوڻ تي گهر ۾ گھڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پيمال ڪندي اسان غلام مصطفيٰ ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مامري جي جاچ ڪرائي وڃي. ٻي طرف گورنمينٽ ڪاليج جي ايمپلائيز يونين پاران سڪندر لاکو، رجب جتوئي، جاويد علي بلوچ ۽ ٻين پاران به پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.