سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي نجي اسڪول ۾ سائنسي ميلو، شاگردياڻين ۽ شاگردن طرفان سائنسي پروجيڪٽ نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا، نامور تعليمدان سميت مختلف سياسي، سماجي  ماڻھن جي شرڪت، ٻارڙن کي جديد دور جي حساب سان پروجيڪٽ ٺاھڻ تي ڀرپور داد ڏنو ويو. سکر ايئرپورٽ روڊ تي واقع الجنت اسڪول طرفان سائنسي ميلو منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان جديد سائنسي پروجيڪٽ تيار ڪري نمائش لاءِ پيش ڪيا ويا. سائنسي ميلي جو افتتاح ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول ايجوڪيشن سکر ڊويزن رخسانه شاھين مڱڻيجو، نامور تعليمدان پروفيسر غلام رسول مڱڻھار، ڊائريڪٽر پرائمري اسڪول ايجوڪيشن حاجي ٻرڙو ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي جنيد چاچڙ، سھيل لطيف ميمڻ، زبير مھر، سڪندر جوڻيجو، شائستا کوسو ۽ ٻين چيو ته سائنس ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ ٻارڙا مستقبل ۾وڏا سائنسدان ٿي پنھنجي ملڪ ۽ سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪندا.