سکر (بيورو رپورٽ) پنوعاقل بشير آباد واسي رسول بخش مهر  هتي پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪندي دانهيو ته 25 ڏينهن اڳ سندس 8 ورهين جي پٽ نعيم، 6 ورهين جي پٽ احسان ۽ 9 ورهين جي نياڻي افسانا کي اغوا ڪيو ويو آهي، جن جي آزادي لاءِ 25 لک رپيا گهريا ويا آهن، هن چيو ته نياڻي جي زبردستي شادي ڪرائي وئي آهي، خبر ناهي هو ڪهڙي حال ۾ آهن، هن چيو ته پنوعاقل پوليس سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن ايس ايس پي سکر کان نوٽيس وٺي ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻي کي آزاد ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.