سکر ۽ روهڙي جي رهواسين جو ريلوي انتظاميا خلاف ڌرڻو

0
273

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۽ روهڙي جي رهواسين پاران ريلوي انتظاميا خلاف پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي، ڌرڻي ۾ سياسي، سماجي، مذهبي توڙي سول سوسائٽي ماڻهن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙ جو چوڻ هو ته سکر ۽ روهڙي ۾ ريلوي اختيارين قبضن ۽ حددخلين جي آڙ ۾ سوين گهر ۽ اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪيون آهن، وفاقي حڪومت غريبن کي گهر ڏيڻ جا اعلان ڪيا پر ان جي ابتڙ هزارين خاندانن کي بي گهر ڪيو ويو آهي، مهانگائي، بيروزگاري کانپوء ڇت کسجڻ ۽ خوف سبب ٻنهي شهرن جا رهواسي پريشان آهن.