سکر: ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندڙجعلي آفيسر ريمانڊ تي نيب حوالي

0
388

سکر: نيب سکر هٿان لاهور مان گرفتار ڪيل نيب جي جعلي آفيسر کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو.

نيب عدالت کي درخواست ڪئي ته جوابدار کان جاچ ڪرڻي آهي، ٻن هفتن جو ريمانڊ ڏنو وڃي، عدالت نيب جي درخواست جوابدارن کي ٻن هفتن لاءِ جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.

عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته جوابدار کي 3 سيپٽمبر تائين ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

نيب جو چوڻ آهي ته جوابدار ضياءَ صديقي پاڻ کي نيب جو آفيسر ظاهر ڪري ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندو هو، جنهن کي نيب سکر جي ٽيم لاهور مان گرفتار ڪيو.

نيب جو چوڻ آهي ته جوابدار سرڪاري آفيسرن ۽ عاوم ماڻهن کي بليڪ ميل ڪري پيسا وصول ڪندو هو، جوابدار جي هڪ ساٿي کي اڳ ۾ ئي گرفتار ڪيو ويو هو.