سکر: عورت کي مبينا بليڪ ميل ڪرڻ جو الزام، ايس ايڇ او گرفتار

0
253
سکر: عورت کي مبينا

سکر (ن پ ا) تماچاڻي ٿاڻي جي ايس ايڇ او جاويد ميمڻ کي عورت نذهت صنم پاران بليڪ ميل ڪرڻ ڪرڻ واري الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي

ڊي آءِ جي سکر عورت نذهت صنم کي بليڪ ميل ڪرڻ جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي تماچاڻي ٿاڻي تي پهتو، جتي ايس ايڇ او جاويد ميمڻ کي لاڪ اپ ڪيو ويو  آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته  سکر سان تعلق رکندڙ عورت نذهت صنم بليڪ ميل ۽ تنگ ڪرڻ جو ايس ايڇ او مٿان الزام هنيو ويو آهي اهي ثبوت ڊي آءِ جي آڏو پيش ڪيا ويا آهن

ڊي آءِ جي طارق عباس پاران الزام هيٺ آيل ايس ايڇ او جاويد ميمڻ کي گرفتار ڪرائڻ بعد ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

ھي به پڙھندا

دادو ۾ احتجاج، سنڌ حڪومت جوابدارن جي ساٿاري بڻيل آهي: پروين رند