دادو ۾ احتجاج، سنڌ حڪومت جوابدارن جي ساٿاري بڻيل آهي: پروين رند

0
355

دادو (ن پ ا) پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي نواب شاهه جي شاگردياڻي پروين رند جي واقعي خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ان موقعي تي پروين رند پيرين اگهاڙي گهر وارن سان گڏجي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي

شهرين علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري کان مظاهرو ڪري ايس پي چوڪ کان مارچ ڪري ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي

 پروين طرفان الزام هيٺ آيل ڊائريڪٽر غلام مصطفيٰ راجپوت گرفتار نه ٿيڻ تي ڪراچي ۾ احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي

ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي پروين رند چيو ته سنڌ حڪومت جي رويي تي افسوس ٿيو آهي، ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار ناهن ٿيا، سنڌ حڪومت جوابدارن جي ساٿاري بڻيل آهي

ھي به پڙھندا

چانڊڪا جي شاگردياڻي نمرتا ۽ نوشين بابت ڊي اين اي رپورٽ ڪيترائي سوال پيدا ڪري ڇڏيا