ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ميرپورماٿيلو جي وڪيل ايڊووڪيٽ عابد وسير پاران پنهنجي وڪيل يارمحمد جلباڻي جي معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ضلعي گهوٽڪي ۾ سينيئر ميمبر بورڊ روينيو حيدرآباد ۽ ڊي سي گهوٽڪي پاران ضلعي گهوٽڪي ۾ سارين جي فصل تي پابندي لڳائڻ سبب هتان جا آبادگار مالي طور نقصان برداشت ڪن پيا، موقف ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪپهه جي نقلي ٻج، غير معياري ۽ جعلي زرعي دوائن سبب ڪپهه جو فصل بلڪل ناهي ٿيندو، ان لاءِ سارين جي فصل پوکڻ تان پابندي هٽائي ساريون پوکڻ جي اجازت ڏني وڃي، ان حوالي سان وڪيل يار محمد جلباڻي ٻڌايو ته عدالت ڌرين کي 27 اپريل تي ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.