ننڪانه صاحب: نوڪري ڇڏڻ تان بااثر هٿان ملازم قتل

0
347

ننڪانه صاحب (ڊيسڪ رپورٽ) نوڪري ڇڏڻ تان بااثر وڏيري ملازم کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي وارثن انصاف لاءِ ڌرڻو هنيو، چڪ نمبر 19 جي رهواسي نوجوان ياسر زميندار نبيل وٽ ٽريڪٽر هلائيندو هو، گذريل ڏينهن بااثر جي ملازم ياسر سان منهن ماري ٿي جنهن بعد هن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول جي وارثن ڌرڻو هڻي جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.