سکر عدالت پاران 8 سئو پوليس اهلڪارن کي پگهار جاري ڪرڻ جو حڪم

0
393
Sukkur Court

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر، سکر ڊويزن جي 8 سئو پوليس اهلڪارن کي هڪ مهيني جي پگهار جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اهلڪارن طرفان داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻي دوران ٽن ضلعن جي ايس ايس پيز جا نمائيندا پيش ٿيا، پوليس عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته سال 2012 جون پگهارون جاري ڪيون ويون آهن، ان دوران عدالت چيو ته جن اهلڪارن جون پگهارون هن وقت تائين جاري نه ٿيون آهن اهي جاري ڪيون وڃن.