سکر: سردار چانديو ۽ برهان چانڊيو جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

0
282
سکر: سردار چانديو

سکر (رپورٽر) سکر جي احتساب عدالت سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو جي آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت نيب جي جاچ ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي، پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا

عدالت ٻنهي ڀائرن جي عبوري ضمانت ۾ 28 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي، واضح رهي ته سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت نيب سکر طرفان جاچ هلندڙ آهي، جڏهن ته ميهڙ واسڻ ام رباب چانڊيو جي پيءُ، ڏاڏڍي ۽ چاچي جي قتل ڪيس به دادو جي عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي

ھي به پڙھندا

والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي قتل کي چار سال مڪمل ٿيڻ تي ام رباب لڙڪ لاڙي ويٺي