ٽنڊوالھيار: الطاف جسڪاڻي جي ڀاءُ ھٿان ڪيس جو جوابدار قتل ٿيڻ بعد صورتحال خراب

0
1449
ٽنڊوالھيار: الطاف جسڪاڻي

ٽنڊو الھيار (ن پ ا) ٽنڊو الهيار ۾ مقتول الطاف جسڪاڻي جي ڀاءُ هٿان ڪيس جو جوابدار قتل ٿيڻ بعد خوف جي صورتحال پيدا ٿي وئي آھي، مڇريل ماڻهن شهر جا دڪان ۽ بازارون بند ڪرائي ڇڏيون آھن

 شهر ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا اٽالا  پھچي ويا آھن، جوابدار اسد جسڪاڻي جي وارثن سول اسپتال ۾ علاج دوران سندس قتل جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آھي

جوابدار جي ڀاءُ ذيشان جسڪاڻي چيو آهي ته اسد ڀاءُ جي قتل ڪيس جي پروي لاءِ عدالت ويو هو، جتي جوابدار ۽ سندس ساٿين حملو ڪيو

 اسد بچاءُ ۾ جوابدار ڌُر تي فائرنگ ڪئي هئي، کيس ڪجهه به ٿيو ته حالتن جي ذميوار انتظاميا ۽ پوليس هوندي، وارثن طرفان اسد جسڪاڻي کي فوري حيدرآباد منتقل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي

ھي به پڙھندا

ٽنڊوالهيار: ايس ٽي پي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارعدالت ٻاهران قتل