سکر زون ۾ يوٽيلٽي اسٽورن تان اٽو، کنڊ ۽ گيهه غائب

0
140
سکر زون ۾ يوٽيلٽي

سکر (بيورو رپورٽر) وفاقي حڪومت طرفان رمضان المبارڪ جي ڀلاري مھيني ۾ عوام کي 19 کاڌ خوراڪ جي ايٽمن تي 28 ڪروڙ رپين جي رمضان رليف پيڪج تحت پھرين اپريل کان سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو ھو، جنھن تحت 20 ڪلو اٽو950 رپيا، کنڊ 85،

گيھه 260 رپيا في ڪلو سميت 19 ايٽمن تي سبسڊي ڏني وئي ھئي
يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي اسٽورن تي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ 20 ڪلو اٽي تي 222 رپيا، في ڪلو گيهه تي 110 رپيا، جڏھن ته کنڊ جي في ڪلو تي 5 رپيا سبسدي رکي وئي آھي

اعلان جي ابتڙ يوٽيلٽي ڪارپوريشن سکر زون يعني سکر، لاڙڪاڻو توڙي شھيد بينظير آباد ڊويزن جي سمورن ضلعن جي يوٽيلٽي اسٽورن تان مک سبسڊي ايٽم غائب آھن، ذريعن وٽان حاصل ڪيل ڄاڻ موجب يوٽيلٽي ڪارپوريشن جي ذميوارن جي عدم دلچسپي سبب يوٽيلٽي اسٽورن تي ڪوڪنگ آئل، کنڊ ۽ اٽو ھن وقت تائين غائب رھيو

گذريل ڏينھن سکر جي زونل مئنيجر توڙي ريجنل مئينجر کي بدلي ڪري نوان آفيسر مقرر ڪيا ويا ھئا، ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته کنڊ ۽ ڪوڪنگ آئل گذريل ٽن مھينن کان يوٽيلٽي اسٽورن تي موجود ئي ناھي، عوام مسلسل اسٽورن جا چڪر ڪاٽڻ کان پوءِ مجبور ٿي مارڪيٽ جو رخ ڪري ٿي