سکر (بيورو رپورٽ) برسات بعد سکر شهر مصروف ترين علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، ٻوڏ جهڙي صورتحال  پيدا ٿي وئي. سکر شهر جي مصروف ترين ڪاروباري مرڪزن، چوڪن چوراهن ۽ روڊن تي برساتي توڙي گندو پاڻي تلائن جي صورت ۾ بيٺل هجڻ شهري سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا، ڪاروباري سرگرميون معطل ٿي ويون. سکر جي گهنٽا گهر، بئراج روڊ، مهراڻ مرڪز، اناج بازار، پان منڊي، ملٽري روڊ، شاليمار ڦاٽڪ، جيل روڊ سميت مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ بيهجي ويو. شهر توڙي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بجليءَ جي فراهمي پڻ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين بند رهي. شهر ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال بعد رليف جي ڪمن ۾ تيزي آڻڻ لاءِ وڏي وزير جو خاص مددگار نواب وساڻ سکر پهچي ضلعي عملدارن سان گڏ مختلف علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا نمائندن سان ڳالهائندي هن ٻڌايو ته ڊي سي سکر ۽  ايڊمنسٽريٽر کي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن. اميد ته صورتحال جلد بهتر ٿي ويندي.