سڙندڙ سنڌ جا ‘نيرو’ ۽ بانسريءَ جي ٻاڙَ

0
196
بجيٽ کان پوءِ ٻي وڏي واردات!
ملير جي سنڌي ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون

ڪنهن به سماج کي بقا، امن، سلامتيءَ ۽ ترقيءَ جي رستي تي هلائڻ لاءِ قاعدا، قانون، اصول ۽ نيم جوڙيا ويندا آهن. اهي سماج، جيڪي انهن قاعدن ۽ قانونن جي پاسداري نه ڪندا آهن، اهي فنا ۽ تنزليءَ جي کاهين ۾ وڃي ڪرندا آهن. سنڌي سماج به اڄڪلهه اهڙي ئي صورتحال جي ور چڙهيل آهي. ڪهڙا قاعدا؟ ڇا جو قانون؟ سنڌ جي اڌ ڊزن کان وڌيڪ ضلعن ۾ رياستي قانون ته خوردبينيءَ سان به ڳولهئي نه پيو لڀجي! قبيلائي دهشتگردي، رتوڇاڻ، ڀُنگ خاطر اغوا جون وارداتون، عورتن جو قتلام، ڪارو ڪاريءَ جي نالي ۾ قتل سميت لاقانونيت مان ڪنهن به ريت قانون جي عملداري ته پري جي ڳالهه، قانون جي موجودگيءَ جي به تصديق نٿي ٿئي. سنڌ بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙي پئي پر اسان جا ‘نيرو’ بانسريءَ جي ٻاڙ پوري ڪرڻ ۾ رڌل آهن. انهن کي اها ڪا به پرواهه ڪانهي ته، عوام جي ڪاوڙ جو جوالا مکي ڦاٽو ته نه رهندي دل، ۽ نه دلپشوري، ڇو ته کين اهو نه وسارڻ گهرجي ته عوام جي ٻانهن ۾ اڃان به ڇَٽَ پَٽن سان هڻڻ جو ٻَل موجود آهي.

سنڌ جي اترئين اڌ ڊزن کان مٿي ضلعن جي بدامنيءَ کي ڏسندي اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهي ضلعا ڄڻ ته سنڌ جي منتظمين جي انتظامي ايجنڊا کان ئي ٻاهر هجن! اتي جا عوامي نمائندا خبر ناهي ته ڪنهن جي نمائندگي پيا ڪن؟ جن کان اهي ووٽ وٺي اختيار ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ پهتا آهن، اهي ڀُنگ خاطر اغوا پيا ٿين، قبيلائي دهشتگرديءَ ۾ قتل پيا ٿين. انهن جي مقرر ڪرايل پوليس انتظاميا تي ڌاڙيلن ۽ ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ڀوتارن جي در جي گولي بڻجي پنهنجي ورديءَ کي لڄائي رهي آهي. ڄڻ ته پوليس ۽ ڏوهارين ۾ ڪو اڻ اعلانيل اتحاد هجي! هاڻي ته انهن ضلعن ۾ معصوم ٻارڙا به ڀُنگ خاطر اغوا پيا ٿين، پوليس کي ته نياڻي پريا ڪماري، معصوم مغوي جعفر ڀٽو ۽ ٻين اغوا ٿيل ٻارڙن ۽ انهن جي مجبور مائرن جي وهايل لڙڪن ۾ ٻُڏي مرڻ گهرجي! اهڙي نا اهل نفريءَ کي عوام جي ٽيڪس جي ناڻي تي چَٽي بڻائي آخر ڇو پالجي؟! حڪمرانن جي ان منطق کي ڀلا ڪير مڃيندو ته چند سئو ڏوهاري رياست کان ڏاڍا آهن؟ امن امان جمهوريت جي ثمر جي عوام تائين پهچ جو بنيادي مرحلو آهي. جڏهن ديس ۾ امن امان ئي نه هوندو ته ماڻهن تائين جمهوريت جو ثمر ڪيئن پهچي سگهندو؟ امن امان جون حالتون خراب ڪري سنڌ جي ماڻهن تي اعصابي ۽ نفسياتي جنگ مڙهي وئي آهي ته جيئن ماڻهو خوف ۽ غير يقينيءَ جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل هجن ۽ ان کان وڌيڪ ڪجهه سوچي ئي نه سگهن. اها جنگ جنرل ضياءَ 1983ع واري ايم آر ڊي (جمهوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ) دوران سنڌ جي اجتماعي شعور کان خوفزده ٿي مڙهي هئي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته جمهوري دورن ۾ به ان جو تسلسل هلندو اچي! سنڌ جي گاديءَ واري شهر ۾ حڪمرانن جي انتظامي گرفت ته سڀني کان ساري پئي آهي. باقي بچيل سنڌ جي اڌ ڊزن کان وڌيڪ ضلعن جو اختيار به انهن بدران ڏوهارين وٽ آهي، باقي جيڪا “وسيع اقليم” انهن جي اختيار ۽ اقتدار هيٺ آهي، ان جا به حال پورا آهن. وقت جي انهن بادشاهن مان ڪهڙي اميد ڪجي!

سنڌ بدترين بد امنيءَ جي ور چڙهيل آهي، جنهن تي حڪمرانن کي ڳڻتي نه هجڻ به هڪ وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي. عوام جو تحفظ حڪمرانن جي آئيني ۽ منصبي ذميواري آهي. اسان اڳ به هنن ئي ڪالمن ۾ اهو چوندا رهيا آهيون ته، ڏوهن جي اوسر سرپرستيءَ جي ڇٽيءَ جي هيٺان ٿئي ٿي. جيستائين ڏوهن جي سرپرستي ڪندڙ ڪَچي ۽ ‘پڪي’ جي ڌاڙيلن، اغواڪارن، هُشي ۽ هٿيارن جي آڪسيجن ذريعي قبيلائي دهشتگرديءَ کي جيئرو رکندڙن ۾، قطع نظر انهن جي سياسي وابستگين جي، هٿ نٿو وڌو وڃي، تيستائين سنڌ بدر ٿيل امن جو پکي موٽي نه ايندو. ان ڪري عوام جي تحفظ جي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ تحرڪ ورتو وڃي.