اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال 23-2022ع جي بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف سان طئه ڪيل شرطن کي ترميمن ذريعي شامل ڪري ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ جي اڪثريت  راءِ سان حتمي منظوري ڏئي ڇڏي، ايندڙ مالي سال لاءِ منظور ٿيل فنانس بل جو اطلاق سڀاڻي پهرين جولاءِ جمعي ڏينهن کان لاڳو تصور ٿيندو،  آءِ ايم ايف جي فرمائش تي 12 لک تائين سالياني آمدني رکندڙ پگهاردار طبقي کي ٽيڪس ڇوٽ جو اعلان واپس وٺندي قومي اسيمبلي 50 هزار کان وڌيڪ ماهوار پگهار کڻندڙ ملازمن جي آمدني تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، في ليٽر پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل، لائيٽ ڊيزل، گاسليٽ تي 50 رپين تائين پيٽروليم ليوي لڳائڻ، ايل پي جي جي في ميٽرڪ ٽن تي 30 هزار رپيا پيٽروليم ليوي لاڳو ڪرڻ، موبائيل فونن جي امپورٽ تي 16 هزار تائين ليوي لڳائڻ، 13 صنعتي شعبن جي 30 ڪروڙ تائين سالياني آمدني تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ڪرڻ، جڏهن ته 15  ڪروڙ کان 30 ڪروڙن تائين سالياني آمدني رکندڙ شخصن مٿان به سپر ٽيڪس لڳائڻ جون ترميمون منظور، رٽيلرن جي دڪاندارن کان بجلي جي بلن ذريعي 3 هزار کان 10 هزار رپين تائين ٽيڪس وصول ڪرڻ جي به منظوري، پرڏيهه ۾ اثاثا ظاهر ڪندڙن جي پرڏيهي اثاثن تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس وصول ڪرڻ جون ترميمون بجيٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪالهه ايندڙ مالي سال 23-2022ع جي بجيٽ جي حتمي منظوري لاءِ فنانس بل ۾ ترميمون ناڻي وزارت پاران پيش ڪيون ويون، انهن ترميمن ۾ آءِ ايم ايف سان طئه ٿيل شرطن کي به شامل ڪيو ويو، جڏهن ته اپوزيشن جو فنانس بل ۾ سموريون ترميمون رد ڪيون ويون، قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال لاءِ ناڻي وزارت پاران پيش ڪيل ترميمن سان گڏ منظوري ڏني آهي، جنهن مطابق ايندڙ مالي سال دوران في ليٽر پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل، گاسليٽ، لائيٽ ڊيز، ايڇ او بي سي تي 50 رپيا پيٽروليم ليوي طور وصول ڪرڻ ۽ ايل پي جي جي في ميٽرڪ ٽن تي 30 هزار رپيا پيٽروليم ليوي لاڳو ڪرڻ جي منطوري ڏني وئي آهي، ايل پي جي تي پيٽروليم ليوي لاڳو ڪرڻ سان گهريلو ايل پي جي سلينڊر جي في ڪلو تي 30 رپيا ليوي لڳائڻ جي منطوري ڏني وئي آهي، قومي اسيمبلي پگهاردار طبقي لاءِ  ڪيل رليف جي اعلان کي ختم ڪندي ماهوار 50 هزار رپين تائين پگهار کڻندڙن کي رڳو ٽيڪس کان آجو قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ماهوار 50 هزار کان هڪ لک رپيا پگهار کڻندڙ ملازمن تي اڍائي سيڪڙو، هڪ لک کان 2 لک تائين پگهار کڻندڙن تي سال ۾ 15 هزار فڪس ٽيڪس ۽ اضافي آمدني تي 12.5 سيڪڙو ٽيڪس وصول ٿيندي، ماهور 2 کان 3 لک پگهار کڻندڙن کي سال ۾ هڪ 65 هزار سالياني ٽيڪس ۽ ماهوار 2 لکان وڌيڪ آمدني تي 20 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته ماهور 3 کان 5 لک پگهار وٺندڙن کي سال ۾ 4 لک 5 هزار رپين جي ٽيڪس سان گڏ 3 لک کان وڌيڪ اضافي آمدني تي 25 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻو پوندو، ماهور 5 کان 10 لک رپيا پگهار کڻندڙ سال ۾ 10 لک ٽيڪس ۽ 5 لک کان وڌيڪ اضافي رقم تي 32 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪندا، 10 لک وڌيڪ ماهور پگهار کڻندڙن کي سال ۾ 29 لک ٽيڪس ۽ 10 لک کان وڌيڪ اضافي آمدني تي 35 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪرڻي پوندي، ائين قومي اسيمبلي سپر ٽيڪس جو دائرو وسيع ڪرڻ جي به بجيٽ ۾ ترميم شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، جنهن تحت 15 ڪروڙ کان وڌيڪ آمدني تي هڪ سيڪڙو، 20 ڪروڙ تائين آمدني تي 2 سيڪڙو، 25 ڪروڙ آمدني تي 3 سيڪڙو، جڏهن ته 30 ڪروڙ سالياني آمدني رکندڙ شخصن  تي 4 سيڪڙو سپر ٽيڪس لاڳو ٿيندو، جڏهن ته ملڪ جي 13 صنعتي شعبن جن ۾ ايئر لائينز، آٽو موبائيل، بيوريجز، سيمينٽ، ڪيميڪل، سگريٽ، ڀاڻ، لوهه، اسٽيل، ايل اين جي ٽرمينل، تيل مارڪيٽنگ ڪمپنين، تيل ريفائنريز، گيس ۽ تيل جي پيداوار ۽ دريافت ڪندڙ ڪمپنين، فارماسوٽيڪل ڪمپنين، شگر ملن، ٽيڪسٽائل، بينڪنگ جون صنعتون شامل آهن جي  30 ڪروڙ سالياني آمدني تي 10 سيڪڙو سپر ٽيڪس جي به منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته پرڏيهه ۾ اثاثا ظاهر ڪندڙن تي اثاثن جي ڪل ماليت تي هڪ سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي به منطوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته واپارين کان بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس وصول ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، جنهن مطابق 30 هزار رپين تائين جي بل تي 3 هزار، 30 هزار کان 50 هزار تائين جي بل تي 5 هزار، 50 هزار کان هڪ لک رپين جي بل تي 10 هزار جڏهن ته  ان کان وڌيڪ آمدني رکندڙ رٽيلر جو ڪاروبار ڪندڙن کي بجلي بلن ذريعي 2 لک انڪم ٽيڪس وصول ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، سافٽ ويئر ۽ آءِ ٽي ڪنسلٽنٽن جي خدمتن تي 5 سيڪڙو ٽيڪس جي به منظوري ڏني وئي آهي، اسپيڪر قومي اسيمبلي ۽ چيئرمين سينيٽ کي اضافي مراعتون ڏيڻ لاءِ اختيار ٻنهي ايوانن جي ناڻي ڪاميٽين کي ڏيڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، جڏهن ته فنانس بل ۾ منظور ڪيل ترميم تحت امپورٽيڊ موبائيلن کي به مهانگو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن ڪري موبائيلن جي امپورٽ تي في موبائيل تي 100 رپين کان 16 هزار رپين تائين ليوي لڳائي وئي آهي، 30 ڊالر جي موبائيل فون تي 100 رپيا، 100 ڊالر جي موبائيل فون تي 200 رپيا، 200 ڊالرن جي موبائيل فون تي 600 رپيا، 350 ڊالرن جي موبائيل فون تي 1800 رپيا، 500 ڊالرن جي موبائيل فون تي 4 هزار رپيا، 700 ڊالر ماليت جي موبائيل فون تي 8 هزار رپيا ۽ 701 ڊالر ماليت جي موبائيل فون تي 16 هزار رپيا ليوي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جي شرط قبول ڪندي حڪومت ايف بي آر کي ٽيڪس وصولين جو حدف 7 هزار 4 ارب کان وڌائي ٽيڪس وصولين جو حدف 7 هزار 470  ڪيو آهي، جنهن سان آءِ ايم ايف جي فرمائش تي پيش ڪيل بجيٽ ۾ حڪومت 466  ارب رپين جو ٽيڪس وصولين ۾ اضافو ڪيو آهي، جڏهن ته سينيما، فلم پروڊڪشن، جي امپورٽ ٿيندڙ آلاتن تي ڊيوٽي ختم ڪئي وئي آهي، فلم انڊسٽري لاءِ ڪتب ايندڙ پروجيڪٽرس، اسڪرين، ٿري ڊي گلاسز، ڊجيٽل لائوڊ اسپيڪر، ايمپلي فائر، ميوزڪ ڊسٽريبيوشن سسٽم ۽ ٻين شين تي به ٽيڪس ختم ڪئي وئي آهي، ناڻي جي مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا تصديق ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف سان طئه ڪيل شرطون بجيٽ ۾ شامل ڪيون ويون آهن، آءِ ايم ايف سان اڳوڻي حڪومت معاهدو ڪيو ان تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي،  اسان صاحب حيثيت ماڻهن تي ٽيڪس لڳايا آهن ته جيئن عام ماڻهن تي بار نه پوي، اسان جيڪي بجيٽ ۾ تبديليون ڪيون اهي اصل ۾ اڳوڻي حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان شيون طئه ڪيون ويون هيون، اسان رڳو اڳوڻي حڪومت پاران آءِ ايم ايف سان ڪيل واعدن تي عمل ڪري رهيا آهيون، ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پيٽرول مصنوعات جي في ليٽر تي 50 رپين تائين ليوي لڳائڻ بابت وضاحت ڪندي چيو ته بجيٽ ۾ حڪومت کي في ليٽر تي ايندڙ مالي سال دوران 50 رپين تائين ليوي وصول ڪرڻ جو اختيار ڏنو پيو وڃي، پر في ليٽر تي ايتري ليوي وصول جي اميد به ناهي ۽ ايتري ليوي وصول ڪرڻ جو خيال به ناهي. ٻئي طرف آءِ ايم ايف سان في ليٽر تي پيٽروليم ليوي، پيٽرول ۽ بجلي تي سيلز ٽيڪس وصول ڪرڻ جي معاهدي تي اتفاق ڪرڻ ڪري پهرين جولاءِ کان بجلي، پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي ٿيڻ جو واضح امڪان پيدا ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ملڪ ۾ وڌيڪ سخت مهانگائي جي لهر سامهون اچڻ جو امڪان آهي، منظور ٿيل بجيٽ ۾ پيٽروليم ليوي جي مد ۾ 855 ارب رپيا وصول ڪرڻ جو به حدف طئه ڪيو ويو آهي، بجيٽ تخمينن ۾ آءِ ايم ايف کان 1.9 ارب ڊالر  ۽ چين کان 2.3 ارب ڊالر ملڻ جي مامري کي به شامل ڪيو ويو آهي، سپر ٽيڪس جي مد ۾ 200 ارب وصول ڪرڻ جو حدف مقرر ڪيو ويو آهي، گذريل سال جي مقابلي ۾ ايندڙ مالي سال دوران 1340 ارب رپين جون اضافي ٽيڪس وصوليون ڪرڻ جو حدف رکيو ويو آهي.

اسلام آباد: پاڪستان ۾ سمارٽ فون ۽ سٺي برانڊ جا فون تيار ڪرڻ لاءِ انهن جا پرزا پاڪستان گهرائيندڙ رجسٽرڊ  مينوفيڪچرنگ کي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي، 300 اسڪوائر فوٽ کان وڌيڪ ايريا تي قائم سون جي دڪانن کان بجلي بلن ذريعي 40  هزار فڪس ٽيڪس وٺڻ يا 3 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، آن لائين شاپنگ ذريعي ٻين ڪمپنين جو مال وڪرو ڪندڙ آن لائين مارڪيٽ بلن تي ماهور 40 هزار رپيا بجلي بلن ذريعي فڪس ٽيڪس وصول ڪرڻ جي به ترميم شامل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بجلي جا ڪمرشل ۽ صنعتي صارف جيڪي ايڪٽو ٽيڪس پيئر لسٽ شامل نه هوندا انهن تي سيلز ٽيڪس جي شرح 17 کان وڌائي 34 سيڪڙو ڪرڻ، سگريٽ، ڀاڻ، کنڊ، سيمينٽ ۽ اهڙيون ٻيون شيون بار ڪوڊ کان سواءِ وڪرو ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪندي بنا بار ڪوڊ جي اهڙيون شيون پڪڙجڻ تي ضبط ڪري سگهبيون، اهڙن ڪاروبارن جن جي شين جي وڪرو جي نظام کي آن لائين مانيٽرنگ تحت آڻڻ لاءِ پوائنٽ آف سيل لاءِ لازم قرار ڏنو وڃي ۽ اهي ان نظام ۾ نه اچن ته انهن کي پهريون ڀيرو خلاف ورزي تي 5 لک، ٻيون ڀيرو خلاف ورزي تي 10 لک، ٽيون ڀيرو خلاف ورزي تي20 لک ڏنڊ وصول ڪرڻ  ۽ چوٿون ڀيرو خلاف ورزي تي ان ڪاروباري اداري کي بند ڪيو ويندو، اهو ڪاروبار پوائنٽ آف سيل کان رجسٽرڊ ٿيڻ کان پوءِ ان تي جرمانه معاف ٿي سگهندا، ٽيڪس تڪرارن کي عدالت کان ٻاهر حل ڪرڻ لاءِ 10 ڪروڙ رپين تائين جي ٽيڪس تڪرار الٽرنيٽ ڊسپيوٽ ريزوليشن سسٽم تحت حل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي، ان لاءِ ايف بي آر ڪاميٽيون قائم ڪندو، قرآن مجيد جي اشاعت لاءِ ڪاغذ تي 17 سيڪڙو ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي آهي، پاڪستان ۾ امپورٽ ٿي ايندڙ اليڪٽرڪ گاڏين تي سيلز ٽيڪس 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 12.5سيڪڙو ڪرڻ دوائن جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال تي رڳو هڪ سيڪڙو ٽيڪس لڳائڻ، پاڪستان ايڪسپورٽ ڊولپمينٽ فنڊ قائم ڪرڻ، جڏهن ته ملڪ ۾ 2 ڪروڙ 50 لک ماليت جي خالي پلاٽن، تعمير ٿيل گهرن تي 5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، اها ٽيڪس ذاتي رهائش، فوج جي شهيدن جي گهراڻن، سرڪاري نوڪري دوران فوت ٿيندڙ ملازمن تي لاڳو تصور نه ٿيندي، جڏهن ته ڪيروان گاڏي، اسپورٽس ڪار، ڪيروان ٽرڪ، وين تي ايڊوانس ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ايڊوانس شرح ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي.