اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ سومر کان شروع ٿيندڙ نئين عدالتي ھفتي ۾ 6 ريگيولر بينچ ۽ 4 خصوصي بيچز ۾ ٻڌڻي ٿيندي، جنهن ۾ خورشيد شاهه، سندس گهر ڀاتين جي ضمانت، وزير اعظم عمران خان جي وزير اعظم بڻجڻ کان پهريان فارن فنڊنگ ڪاميٽي جي جوڙ جڪ خلاف درخواست ۽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ڪيس جي جوابدارن حسين لوائي ، طحه رضا ۽ محمد عمير جي ضمانت واري درخواستن تي ڌار ڌار ٻڌڻي سومر ڏينهن ٿيندي، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ صدارتي ريفرنس خلاف عدالت جي ڪيل فيصلي تي نظر ثاني جي درخواست تي اڱاري ڏينهن ٻڌڻي ٿيندي، ٻڌڻي سڌو سنئون نشر ڪرڻ واري درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو اچڻ جو امڪان آهي.