اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) 12 غير ڪمرشل ايف ايم ريڊيو لائسنسز جي تجديد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جن ۾ لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس ڄامشورو، علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد، فاطمه جناح وومين يونيورسٽي راولپنڊي، يونيورسٽي آف ڪراچي، نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگئيجز اسلام آباد، پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لينگئيج آرٽ اينڊ ڪلچر لاهور، هزارا يونيورسٽي مانسهره، عورتن بابت ايف جي مارگلا ڪاليج اسلام آباد، خيبر پختونخوا اڪيڊمي پشاور، يونيورسٽي آف پشاور، يونيورسٽي آف پنجاب لاهور ۽ دعوت اڪيڊمي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد شامل آهن، پيمرا اٿارٽي شهري علائقن ڀرسان واقع ٻهراڙي علائقن لاءِ آر ڪيٽيگري جي ڪيبل ٽي وي لائسنسز جي به منظوري ڏني آهي، پيمرا اٿارٽي پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لينگئيجز راولپنڊي ۽ ملتان جي تعليمي مقصدن لاءِ غير ڪمرشل ايف ايم ريڊيو جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني آهي.