اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي مذاڪراتي ٽيمن وچ ۾ ڳالهيون نه ٿي سگهيون، پهريان پي ٽي آءِ جي ٽيم ڪمشنر جي آفيس پهتي پر حڪومتي ٽيم نه آئي جنهن تي پي ٽي آءِ جي ٽيم واپس هلي وئي جنهن کانپوءِ حڪومتي ٽيم ڪمشنر جي آفيس پهتي. پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته عدالتي حڪم جي روشني ۾ پي ٽي آءِ 4 رڪني مذاڪراتي ٽيم جوڙي هئي، اسان جا 2 ميمبر موجود آهن ۽ ٻن کي گم ڪيو ويو آهي، عامر ڪياني ۽ علي نواز اعواڻ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪنداسين. حڪومتي ٽيم ۾ شامل اياز صادق چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي  ڳالهين جو مقصد جلسي لاءِ هنڌ طئي ڪرڻو هو، عمران بار بار چئي رهيو آهي ڊي چوڪ پهچنداسين، اسان رنڊڪن باوجود هتي پهتا آهيون، بابر اعواڻ ڏٺو ته 15 منٽ ٿيا آهن ته چيو اسان احتجاج طور وڃي رهيا آهيون، اسان هتي انهن جو وڌيڪ انتظار ڪنداسين، چيف ڪمشنر جي آفيس ۾ موجود آهيون،چيف ڪمشنر پاران ٻيهر انهن کي واپس گهرائڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي پر هنن فون ٻڌڻ کان انڪار ڪيو، هنن گرين بيلٽ کي باهيون ڏنيون آهن، رات جو 10 وڳي ڳالهيون طئي هيون. هن چيو ته بابر اعواڻ کي چوندس ته انارڪي نه پکيڙي، ڳالهيون ڪري، عمران عدالتي حڪم جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا، ڊي چوڪ تي ڪارڪن پهتا آهن، هن چيو ته شيرين مزاري لاءِ عدالت کلي سگهي ٿي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان هن وقت ڇو نٿي کلي سگهي، عمران پاران توهين ڪئي پئي ان تي ايڪشن کنيو وڃي.