آئيني صورتحال تي پاڻمرادو نوٽيس، اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ آھي ته اسپيڪر قرارداد رد ڪري سگھي ٿو: سپريم ڪورٽ

0
223

سپريم ڪورٽ: آئيني صورتحال تي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي لارجر بينچ جي سربراهي ۾ ملڪ جي آئيني صورتحال بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي شروع ٿي وئي، جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ وڪيل بابر اعواڻ عدالت ۾ پيش ٿيو، سپريم ڪورٽ جو چوڻ ھو تھ اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ آھي تھ اسپيڪر قرارداد رد ڪري سگھي ٿو

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيدا ٿيل صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو, ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پهريان درخواستگذارن کي ٻڌڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن ڪير بيان ڏيڻ چاهي ٿو ته ڏيئي

پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته مان سپريم ڪورٽ جي 21 مارچ 2022 جي فيصلي جو حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو، اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو هو ته ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي اچڻ کان نه روڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعتن کي نوٽيس نه ڪيو هواپوزيشن جي بي اعتمادي رٿ کي آئين ۽ قانون موجب ناڪام بڻايو ويندو: بابر اعواڻان تي چيف جسٽس چيو ته گذريل ڏينهن مختصر  حڪم نامو جاري ڪيو هو، اسان گذريل ڏينهن اسيمڀبلي جي ڪارروائي تي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون, بابر اعواڻ چيو ته صدارتي ريفرنس کي موجوده پاڻمرادو نوٽيس سان ٻڌو وڃي، منهنجي درخواست رڪارڊ ڪرايو، عمران خان اجازت ڏني آهي ته عرض ڪيان ته اسان چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان جي اڳيان سياسي ڳالهه نه ڪريو

جسٽس عمر عطا بنديال لکت واري فيصلي ۾ چيو ته ساٿي ججن چيف جسٽس سان رابطو ڪري ملڪ جي آئيني صورتحال تي خدشن جو اظهار ڪيو هو

ھي به پڙھندا

صدر ۽ وزيراعظم آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، اعليٰ عدليه سول مارشل لا کي روڪي: اپوزيشن اڳواڻ

چيف جسٽس، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ حڪم نامو جاري ڪيو ته ڊپٽي اسپيڪر آرٽيڪل 5 استعمال ڪندي بادي النظر ۾ نه جاچ جا نتيجا حاصل ڪيا ۽ نه وري متاثر ڌر کي ٻڌو، عدالت جائزو وٺندي ته ڇا ڊپٽي اسپيڪر جي اهڙي قدم کي آئيني تحفظ حاصل آهي

سپريم ڪورٽ هدايت ڪئي ته ڪو به رياستي ادارو ۽ اهلڪار ڪنهن غير آئيني ڪارروائي کان پاسو ڪري، صدر ۽ وزيراعظم جيڪو به حڪم جاري ڪندو اهو سپريم ڪورٽ جي حڪم سان مشروط هوندو

عدالت گهرو سيڪريٽري ۽ بچاءُ واري سيڪريٽري کي به حڪم ڏنو ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ کنيل قدمن جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي, سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبلي ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کي نوٽيس جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي ته پنجاب جي نئين وڏي وزير جي چونڊ آئيني ۽ پرامن طريقي سان ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

چيف جسٽس سياسي صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو