سُرخ سلام کان  سرخ سلام  تائين جو سفر

0
300
اک اک جو ڦير، چوڦير

 توڙي جو وقت جي ڌُوڙ ۽ لٽ ۾ ياداشت ساٿ ڇڏي ويئي آھي ليڪن جيستائين ياد پوي ٿو تھ منھنجو عبدالرحمٰن پيرزادي سان پھريون مُکا ميل سن ۱۹۸۰ع جي آخري ڏينھن ۾  سُرخ سلام سان ئي ٿيو جيڪو ان عھد جي انقلابي، ترقي پسند سياست جو انتھائي بنيادي نارم سمجھيو ويندو ھو.سُرخ سلام جهڙي ٻِٽي لفظ  جھڙي تڪريم ۽ عزت مون وٽ ھاڻي بھ آھي ۽ تنھن وقت عبدالرحمٰن وٽ بھ ھُئي ليڪن ھن زير نظر ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻي  مطابق ليکڪ  انھي تڪريم ۽ عزت لائق صرف جمال دين بخاري، سوڀو گيانچنداڻي ۽ حيدربخش جتوئي کي ئي سمجھيو آھي. ھن انھي سٿ ۾ حسن ناصر، نظير عباسي  سميت ھزارين آدرشوادين کي شامل ڪرڻ مناسب ناھي سمجھيو. ڪھاڻين جي نالي ۾ ھن ڪتاب ۾ شامل سڀ بلاگ مام ۾ ئي چيل آھن،  جنھن مان سڀ ڪو پنھنجي مطلب جو مقصد اخذ ڪندو آھي. ايئن ھڪ ڪھاڻي جو بھ پنھنجو مفصوم ۽ مقصد آھي. ليڪن انھي کان ھٽي ڪري اھا ڳالھھ ڪرڻ ۾ ڪو وڌاءُ ڪونھي تھ عبدالرحمٰن ايئن ئي لکندو آھي. تاريخ کي ايئن بيان ڪندو آھي. ظلم ۽ ناانصافي جو پردو ايئن چاڪ ڪندو آھي. ڪپي ۽ ڪوري وجهندو آھي. سياست جي سيني تي مڱ ڏريندو آھي. چند لفظن ۾ اھڙي ڳالھھ ڪري وجھندو آھي جو اڻڄاڻ جو مٿو چڪرائجي ويندو آھي ۽ ڄاڻيندڙ جي چپن تي مسڪراھٽ يا ڪاوڙ ڦھلجي ويندي آھي. اھو اصلوب عبدالرحمٰن پيرزادي  جو پنھنجو آھي جنھن لاءِ ھو ڪنھن کان نھ سکيو آھي نھ ڪا تربيت حاصل ڪئي اٿس.

انھي پيش منظر ۾ ڪتاب ۾  ڪھاڻي “اُميد” جي نالي سان بھ آھي جنھن ۾ چار اپريل جو ذڪر ڪيل آھي. اھا چار اپريل جيڪا ۱۹۷۹ع ۾ ھڪ ڀيرو آئي تھ واپس وڃڻ جو نالو ئي نٿي وٺي.

”چوٿين اپريل،

عجب تاريخ آھي..!

ھڪ پاسي سپريم ڪورٽ،

ٻئي پاسي

انصاف جو آسرو..!

ھڪ درجن تي مشتمل لفظ، انصاف سميت سپريم ڪورٽ تي وڏي چٿر آھن ۽ ھن ملڪ جي تاريخ جي ھڪ غير معمولي وڏي ويڌن جو بيان بھ آھي. اھا جُٺ، اھا ناانصافي جيڪا  ملڪ جي پھرين چونڊيل وزيراعظم، عوامي ليڊر ذوالفقار علي ڀٽو سان ئي صرف نھ ٿي بلڪھ پاڪستان ٺھڻ کان وٺي اعليٰ عدالتن پاران نظريھ ضرورت جي صورت ۾ ھن ملڪ جي عوام، انصاف ۽ جمھوريت سان اڄ تائين ٿي رھي آھي. جسٽس منير کان مولوي مشتاق، جسٽس انوارالحق تائين. جسٽس کوسا، جسٽس ثاقب نثار کان اڄ جي عدالت تائين اھا ۽ اھڙي ڪار بنا وقفي جي جاري ۽ ساري آھي. ايئر مارشل اصغر خان پنھنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو تھ گورنر جنرل غلام محمد کي پارليامينٽ پاران منظور ڪيل عبوري آئين ھيٺ اسيمبلي ٽوڙڻ جا اختيار ئي ڪونھ ھيا ليڪن ھن  آئين ساز اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو. آئين ساز اسيمبلي جي اسپيڪر مولوي تميزالدين جي پٽيشن تي سنڌ ھائيڪورٽ ملڪ جي گورنر جنرل غلام محمد جي قدم کي  غلط قرار ڏنو ليڪن ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۽ ان جي چيف جسٽس منير، اڪثريتي فيصلي سان نظريھ ضرورت جي آڙ ۾ ان کي جائز قرار ڏنو. ان کان وڌيڪ انصاف ۽ آئين سان  ويڌن اھا ٿي تھ جڏھن ملڪ جو صدر اسڪندر مرزا ۱۹۵۸ع ۾ ۱۹۵۶ع جو آئين ٽوڙي اقتدار تي قبضو ڪري  ويھي رھيو تھ چند ڏينھن کانپوءِ ھڪ گڏجاڻي  ٿي جنھن ۾ ملڪ جو عبوري وزيراعظم، وزير دفاع، فوج جو ڪمانڊر ان چيف جنرل ايوب بھ شريڪ ھو. اسڪندر مرزا  انھي جسٽس منير کان پڇيو تھ ملڪ جي مجوزھ نئين آئين کي اسيمبلي جي غير موجودگي ۾ ڪيئن منظور ڪرائجي تھ اعليٰ عدالت جي چيف جسٽس منير انھي جو حل اصغر خان چواڻي اھو ٻُڌايو تھ ڪا ڳالھھ ئي ڪانھي آئين جو مسودو تيار ڪري موچي گيٽ لاھور، نشتر پارڪ ڪراچي،چوڪ يادگار پشاور ۽ ڌان منڊي ڍاڪا ۾ جلسا ڪرائي عوام کان ھٿ کڻي منظوري ورتي وڃي جيئن ماضي ۾ قديم يونان ۾ ٿيندو ھو. انھي صلاح تي سڀني کان ٽھڪ نڪري ويا جن۾ سڀ کان وڏو ۽ معنيٰ خيز ٽھڪ جنرل ايوب خان ڏنو. اھو جنرل ايوب خان ڪجھھ ڏينھن کانپوءِ اسڪندر مرزا کي اقتدار تان لاھي مارشلا ھڻي پاڻ  اقتدار تي ويھي رھيو ۽ اھا لعنت پورا يارھن سال موجود رھي. جنرل ايوب جو سورج غروب ٿي ويو سندس ھڏا قبر ۾ ڳري ويا ليڪن جسٽس منير جي ڳالھھ تي نڪتل اھو زوردار ٽھڪ سندس موت کان پوءِ اڄ بھ اقتدار جي ايوان ۾  گونجار بڻيل آھي. اعليٰ عدالتن ۾ جنرل ضياءَ جي وقت ۾ جيڪو ٿيو، جنرل مشرف جي وقت ۾ ڇا ٿيو ۽  ھاڻي تائين ڇا ٿي رھيو آھي. ڪنھن موچي گيٽ، ڌان منڊيءَ، ڪنھن چوڪ يادگار، ڪنھن نشتر پارڪ ۾ خلق خدا کان معلوم ڪري وٺجي. اعليٰ عدالتن جي فيصلن تي اھائي راءِ ھوندي جنھن کي مذاق مذاق ،ٽوڪ ۾ بيان ڪيل آھي. ڪھاڻي “ڪن لاٽار” ۾ بھ اشارن ڪِنائِين ۾ اھا ڳالھھ ٿيل آھي تھ  “اتي رکينس ” ۾ بھ سياست ۽ رياست جي بدروحن جي  تال ميل جو ساڳيو ئي قصو  آھي.

ڪتاب ۾ ڪھاڻي “ٿوري ڳالھھ ٻُڌي وٺ”، ملڪ ۾ جاري سياسي جوڙ توڙ، “ڪمپني” جي عنوان سان ڪھاڻيون شامل آھن، ساڳي ڳالھھ اڳ۾ بحث ھيٺ آيل ڪھاڻي “اتي رکينس ” ۾ بھ ٿيل آھي جنھن ۾ مداري جو ذڪر بھ آھي تھ سياسي ڀولڙيءَ جي وارتا بھ آھي. ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالھھ ٿيل آھي تھ ھن ملڪ ۾  حڪومت ۽ مخالف ڌر ڪيئن ھڪ سڪي جا ٻھ پاسا آھن جن کي اڳتي پوئتي ڪرڻ وارا مداري ئي آھن جيڪي ملڪ ٺھڻ کان وٺي سياست کي ڀولڙيءَ  جِيان نچائي رھيا آھن. اڀرندي ۽ الھندي پاڪستان جي سياسي پارٽين کي ايئن ويڙھايو ويو، جگتو فرنٽ جڏھن ۱۹۵۴ع ۾ اوڀر پاڪستان يعني اڄ جي بنگلا ديش ۾  چونڊ کٽي ملڪ تي قابض ٽولي کي اکيون ڏيکاريون، زرعي سڌارا ڪري ھارين ۾ زمينون ورھايون تھ فضل حق، مولانا،ڀاشاني ۽ حسين شھيد سھروردي کي پاڻ ۾ ويڙھائي بنگال اسيمبلي ٽوڙائي ويئي. ون يونٽ ٺاھڻو پيو تھ اھڙي سياست جي ھم خيالن کي ڪٺو ڪيو ويو ليڪن جڏھن ون يونٽ جي نتيجي ۾ ۱۹۵۶ع جو پيرٽي جو آئين بھ سندن راھھ جي رنڊڪ بڻيو تھ ون يونٽ مخالف سياست کي پاڻ سان جوڙي سڀني کي ھڪ ئي وقت ڀولڙيءَ بڻايو ويو. ڀولڙيِن جي ناچ ۾ اھڙي لٺ ھنئي ويئي جو  پنھنجي ٺاھيل پيرٽي جي آئين ھيٺ ٺھندڙ ۱۹۵۶ع جي آئين کي ٽوڙي ۱۹۵۹ع جي چونڊن جي راھھ روڪي ۱۹۵۸ع ۾ ملڪ ۾ مارشلا لڳايو ويو. مجيب ۽ ڀُٽِي ۾ ڪُڪڙن جي ويڙھھ  ڀاسڻ وارن جي ھٿن ھيٺ ملڪ ٻھ ٽُڪر ٿي ويو ۽ اڄ جي سياست ۾ ڀولڙيون وڙھي رھيون آھن ۽ ڍيٻڪي جي وڄت جاري آھي. ملڪ جي جڳ مشھور پوليس کاتي جي ڪاموري رائو رشيد پنھنجي ڪتاب “جو مين ني ديکا” ۾ جيڪي حقيتون بيان ڪيون آھن اھي عبدالرحمٰن جي انھن مختصر، تُز، تيز معنيٰ خيز ڪھاڻين تي سئو سيڪڙو صادق لاڳو ٿين ٿيون.

ڪتاب ۾ ھڪ ڪھاڻي “مڌر ڊي”، يعني مائرن جي ڏينھن  جي تناظر ۾ لکيل آھي جنھن ۾ ڪئيناڊا مان آِيل ھڪ پڙھيل ڳڙھيل وطن ۽ سنڌ واسيءَ  جي لاک لاٿي ويئي آھي جيڪو  “مڌر ڊي” جي تقريب ۾ مائرن، عورتن  جي حقن جي ڳالھھ ڪندي اسٽيج تي  واھڙ وھائي ٿو. تقريب کان پوءِ ڪچھري ۾ سنڌ واپس اچڻ جو سبب بيان ڪندي ڪئيناڊا واسي اھو سنڌي سٻاجهڙو پنھنجن نياڻين جي سنڌ ۾ ڪيئن ۽ ڪٿان شادي ڪرائڻ لاءِ پريشان آھي.

ڪتاب ۾ سبق بھ آھن تھ مشورا بھ آھن، تھ ڄاڻ بھ آھي. جنھن ۾ منھنجي لاءِ “ڪَتِڪا”  وارو بلاگ انڪشاف کان گهٽ نھ ھو جنھن ۾ ليکڪ ڄاڻائي ٿو تھ لوڪ مشھور اردو محاوري “ڌوٻي ڪا ڪُتا گهر ڪا نھ گهاٽ ڪا” ۾ لفظ “ڪُتا ” در حقيقت “ڪِتڪتا” آھي جنھن جي معني آھي “داٻڙو ”. جنھن تي ڌوٻي ڪپڙا سٽي ڪم ختم ڪري، ڌوٻي گهاٽ جي ڀر ۾ ئي ڪنھن ڪنڊ پاسي لڪائي رکندو آھي ۽ وري ضرورت وقت انھي کي ڪنڊ پاسي ٻُوڙن مان ڪڍي استعمال ڪندوآھي. ان ڪري ان جو نھ ڪوئي گهر ٿيو نھ گهاٽ.

عبدالرحمٰن پيرزادو سوشل ميڊيا جو اھم بلاگر آھي جنھن جا سوين  بلاگ ڪھاڻي، شاعري، چوڻي، ڪتاب  بڻجي نھ صرف علم، ڄاڻ ۾  اضافو بڻجن ٿا بلڪھ سماج ۾ مروج غلط العام محاورن کي ڇُري چاقو سان ڪوري ٺيڪ بھ ڪن ٿا. ليڪن سماج ۽ ان جا ماڻھو جيئن آھي تيئن ئي ھلڻ کي صحيح ۽ بھتر سمجھندي، نئين خيال،نئين ڳالھھ کي جلدي قبول نھ ڪندا آھن، نتيجي ۾ انوکي ڳالھھ ، نرالي خيال  تي  رڙ بھ ٿيندي آھي تھ ڪُوڪ بھ اڀرندي آھي تھ طوفان بدتميزي ، واچوڙو بڻجي  تبديلي جي سڏ کي وڪوڙي ويندو آھي. ايئن باقي نئين خيال ڏيندڙ سميت  عبدالرحمٰن پيرزادي سان بھ اسان وٽ ٿي رھيو آھي.ھو جيڪو پاڻ کي مارڪسسٽ سڏيندو آھي ، ليڪن ڪنھن بھ مارڪسسٽ کي صحيحنھ سمجھندو آھي. پاڻ کي وطن دوست سمجھندو آھي، ليڪن ڪنھن ٻئي کي وطن دوست سڏڻ ۽ سمجھڻ ھن اڄ تائين  ضروري نھ سمجھيو آھي.ھو جمھوريت جو وڏو چيمپئين آھي ليڪن ھن جي لاءِ ھن ملڪ ۾ موجود جمھوريت ڀولڙين جي راند کان سواءِ ڪجھھ ڪونھي. ھن جو ڪوئي ھيرو ۽ رول ماڊل ناھي. سندس خيال مطابق ھي  ملڪ پاڪستان ۽ انجي معيشت، سرمائيداري،نيو لبرلزم جي پاڇي ۾ ساھھ کڻي رھي آھي ۽ سموري سياست جي ڪارگذاري ان جو پرتوو آھي. ھي ماڻھن جي ھشام ۾ اڪيلو آھي. ھي سفر ۾ بھ اڪيلو آھي تھ پنھنجي خيال ۾ ھيکل ۽ يڪتا آھي ان ڪري ڪنھن جي ساڻس لڳي بھ نٿي. جنھن جي ھن کي پرواھھ بھ ناھي. دنيا جھان کان لاپرواھھ پنھنجن پراون جي، تُنڪن، طعنن کان ماورا  لئِي لس ھڪ ڪيُون پنھنجي ڳالھھ ڪندو پيو اچي جنھن ۾ چٿر بھ آھي تھ ٽوڪ بھ آھي. ليڪن ڳالھھ جيڪڏھن خيال جي آھي، نقطھ نظر جي آھي تھ پوءِ ڪپي ڪوري ڇڏبو ڀلي انھي ۾ ھن جو پنھنجو ئي ڇونھ ھجي، ڀلي سيني سان سانڍڻ جهڙو ٻٽو لفظ “سُرخ سلام” ئي ڇونھ ھجي. اھو سُرخ سلام جنھن تي ھو ساھھ ڏيندو ھيو جنھن سان جڙيل سياست سان ھو رشتو جوڙيندي ۽ جهيڙيندي نظر اچي ٿو، نتيجي ۾  سندس محبت،  نفرت ٿيڻ ۾ دير ناھي ڪندي ۽ ايئن ھو نفرت ڪندي بھ محبت ڪندي محسوس ٿيندو آھي.

سرخ سلام جي ليکڪ  جي انوکي، جڳ کان مختلف  خيال جو، سندس سوچ جو ڪارج ڪھڙو ۽ ڪيترو آھي، اھو پاڻ وقت تي ٿا ڇڏيون. ڇو تھ وقت ئي بھتر منصف آھي جنھن جي پيٽ مان زندگي ۾ نھ تھ موت کانپوءِ بھ قبر منجھان ھيرو، برسات پئي پُڄاڻان کُنڀِيءَ جيان ڌرتي جو سينو چيري نڪري ڦُٽِي پوندا آھن.

سترھين صدي عيسوي ۾ مُغليھ دور ۾ “ بُلھي شاھھ”، کي پليت سمجھي سماج نيڪالي ڏني ويئي، سندس جنازو کڻڻ تي ڪُفر جي فتويٰ ايندي آھي.  ان کي قبر ۾ لاھڻ وارا سماج جا ڌڪاريل  کدڙا ۽ ڌُتڪاريل  پينو فقير ھوندا آھن. ليڪن وقت جڏھن فيصلو ڪرڻ  ايندو آھي تھ دنيا کي قبول ڪرڻو پوندو آھي تھ، “بُلھا شاھھ” مرڻو ناھي. قصُور شھر جي ڪنھن درگاھھ جي ھڪ  قبر۾ تھ ڪنھن  ٻئي جو ھڏ ۽ ماس پوريل آھي.

 سماج جي باغي، ريتن رسمن رواجن، اسٽيٽس ڪو سان اک اُلٽي ڪري مُکا ميل ڪندڙ، جهيڙيندڙ، بندش پيل سماجي، سياسي موضوعن تي قلم کڻندڙ سُرخ سلام کي ھڪ ڀيرو وري سُرخ سلام..!