سينيٽ ۾ ووٽ پورا هئا، دلاور خان گروپ جي ڪري هارائي وياسين: راڻا ثناءُ الله

0
264
عمران نيازي پاران ميمبرن

ڪراچي:مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ايندڙ 9 مهينن ۾ حڪومت نه رهي،  فيصل آباد ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته شهباز شريف کي ملڪ جي ترقي جي سزا ڏني پئي وڃي

راڻا ثناءَ چيو ته اسان سي ٽي ڊي کي وجود ۾ آندو، ان کانپوءِ دهشتگردي جو خاتمو ٿيو، سموري محنت جو ڪريڊٽ شهباز شريف کي وڃي ٿو

نواز شريف جي وطن واپسي جي حوالي سان هن چيو ته هو ڪڏهن واپس ايندو اهو فيصلو پارٽي مشاورت سان ڪيو ويندو، نواز شريف ڪنهن به ڊيل ۾ دلچسپي نه ٿو رکي ۽ نه ئي چاهي ٿو

سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني کي ڪلين چٽ ڏيندي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته سينيٽ ۾ اسٽيٽ بئنڪ بل پاس ٿيڻ تي جڪڏهن ڪنهن جو قصور آهي ته اهو دلاور خان گروپ آهي

هن چيو ته هن ڀيري ووٽ مڪمل ٿيا پر حڪومت غير پارلياماني روايت اختيار ڪندي بل پاس ڪرايو

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن توهان کانئن پڇو ته چون ٿا ته آءِ ايم ايف قسط ادا نه ڪري رهي هئي، قسطن لاءِ ملڪ گروي رکيو ويو آهي، هاڻي نه قومي اسيمبلي ۽ نه ئي ڪو ادارو اسٽيٽ بئنڪ کان پڇاڻو ڪري سگهي ٿو

وزيراعظم عمران خان تي تنقيد ڪندي ن ليگ پنجاب جي صدر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين فنڊن ذريعي ڪرپشن ڪندو آهي، سندس اي ٽي ايمز به ڪرپشن ۾ ملوث آهن

خطاب دوران هن چيو ته مخالفن خلاف فيصلا ڪرائڻ لاءِ پنهنجا پسند جا جج مقرر ڪرڻا آهن، وزيراعظم چاهي ٿو ته ملڪ ارشد جهڙا ڏهه يا ٻارهن جج ملي وڃن

ن ليگ اڳواڻ چيو ته پاڪستان ۾ جمهوريت تي بار بار ڦرلٽ ڪئي وئي، جيڪڏهن منظم جمهوري سياسي پارٽيون ٺاهيون ويون ته ڪنهن کي به رت وهائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ن ليگ اڄ به منظم پارٽي بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي

هن چيو ته هاڻي اسان پنهنجي پارٽي کي متحرڪ ڪنداسين، هڪ هفتي ۾ هر يونين جو هڪ اجلاس ٿيندو، 6 مهينن ۾ هر ڊويزن سطح جا اجلاس ٿيندا، جنهن ۾ شهباز شريف ۽ مريم نواز سميت اعليٰ قيادت شرڪت ڪندي