اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ڌارڌار اجلاس اڄ سومر ڏينهن ٿيندا، سينيٽ اجلاس لاءِ 9 نقاطي  ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي جنهن ۾ بجيٽ تي بحث شروع ڪرڻ جو مامرو به شامل آھي پر پارلياماني روايتن تحت پيپلزپارٽي جي سينيٽر ڊاڪٽر سڪندر منڌرو جي وفات سبب کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ بعد بنا معمول جي ڪاروائي جي سينيٽ جو اجلاس ملتوي ٿي وڃڻ جو امڪان آھي ان ڪري سينٽ ۾ اڄ بجيٽ تي بحث جو آغاز نه ٿي سگهڻ جو امڪان آھي ائين قومي اسيمبلي جو به اجلاس اڄ سومر ڏينهن شام چار وڳي ٿيندو جنهن لاءِ هڪ نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي جنهن تحت قومي اسيمبلي ۾ اڄ بجيٽ تي بحث شروع ٿيندو جڏهن ته اسپيڪر پاران اڳ ئي اهو اعلان ڪيو ويو آھي ته بجيٽ تي بحث شروع ڪرائڻ کان اڳ هڪ ڪلاڪ بي جي پي اڳواڻن پاران ناموس رسالت خلاف ڏنل بيانن تي بحث ٿيندو ان حوالي سان مذمتي قرارداد به منظور ڪئي ويندي پر اهڙي باضابطه اسپيڪر پاران اعلان ڪرڻ باوجود ان مامري کي ايجنڊا جو حصو نه بنايو ويو آھي.