سيتا روڊ: اديب ۽ ليکڪ غريب گل سيتائي لاڏاڻو ڪري ويو

0
187
سيتا روڊ: اديب ۽ ليکڪ

سيتا روڊ (ن پ ا) ادبي سنگت سيتاروڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري ڏاهو اديب ليکڪ غريب گل سيتائي لاڏاڻو ڪري ويو، 46 ورھين جوغريب گل ڪلهوڙو گذريل هڪ سال کان جگر جي ڪينسر ۾ مبتلا هو، گذريل ڏهاڙي حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾ علاج دوران ڌم ڌڻي حوالي ڪيو

مرحوم جو مڙھ ايمبولنس ذريعي سيتاروڊ پهتو، سندس فوتگي جي خبر جهنگ ۾ باھ جيان پکيڙجي وئي شهر ۾ سوڳ ڇائنجي ويو، گهڻ رخي شخصيت گل محمد ڪلهوڙو نجي اين جي او انڊس رورل ڊولپمينٽ سوسائٽي جو صدر پڻ ھو

هن پنهنجي اين جي او جي ماتحت ڏڪاريل ڏيھ ٿر جي شهر ڇاڇرو پنهنجي جنم ڀومي سيتاروڊ سميت هزاره ٽائون ڪوئٽا ۾ پڻ مفت طبي سينٽر قائم ڪري غريب ۽ بي پهچ نادار ماڻھن جي علاج معالج سان گڏ مسڪينن ۾ راشن ورهائڻ جا ڪم پڻ سرانجام ڏنا

غريب گل فنون لطيفه ۾ اداڪاري ۽ سداڪادري ۾ پڻ پاڻ مڃرايو، مزاحمتي شاعري هو، سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ جي سيڪريٽري رهڻ سان گڏ مذهبي سياسي جماعت مجلس وحدت المسلمين ضلع دادو جو سيڪريٽري جنرل پڻ هو، اڄ سندس مڙھ مقامي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو