سياستدانن کان وڌيڪ اسٽيبلشمنٽ سمجهدار آهي!

0
174
سنڌ جو ٽيڪس پئير، سنڌ حڪومت ۽ پنجاب لٽريچر فيسٽيول

 ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئيني طريقي سان هٽايل، اڳوڻي وزيرِ اعظم عمران خان ڊسمبر جي 17 تاريخ تي لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي ۽ خيبر-پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان سان گڏجي سوشل ميڊيا جي ذريعي جلسي کي خطاب ڪندي ملڪ جي ٻن اهم اڪاين پنجاب ۽ خيبر-پختونخوا جي اسمبلين کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ هن جمعي تي يعني 23 ڊسمبر واري ڏينهن اسيمبليون ٽٽنديون يا عمران خان جي سياسي مستقبل جو ستارو ٻڏندو اهو ته وقت ٻڌائيندو پر عمران خان جي اعلان تي ڀل ته گڏ ويٺل ٻئي وڏا وزير حيران نه به ٿيا هجن ڇاڪاڻ جو عمران خان ته ڪيترن ئي ڏهاڙن کان اسيمبليون ٽوڙڻ جون تاريخون ڏيڻ جي  خواهش کي ذهن ۾ سانڍيون گهمندو وتي پيو ۽ پنهنجي هر ميڊيا ٽاڪ يا ذاتي طور تي پارٽي اڳواڻن ۽ مشهور صحافين سان ملاقاتن ۾ ان جو اظهار به ڪندو رهي پيو. هر روز چئي پيو ته مان حيرانگي (سرپرائز) ڏيندس سو هن حيرانگي ڏئي ڇڏي آهي پر ان حيرانگي جي باوجود ملڪ ۾ سياسي ڀونچال ناهي آيو ها جيڪڏهن اسيمبليون ٽٽي وڃن ٿيون ته آئيني بحران پيدا ٿي سگهي ٿو جيڪو سياسي بحران ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو. پر اسان سڀ هن حقيقت کي به بخوبي ڄاڻون ٿا ته اسان وٽ سياست بظاهر سياستدانن جي هٿ ۾ آهي پر ڏوريون اڃان به انهن وٽ ئي آهن جيڪي پاڻ کي غير سياسي ڪري چڪا آهن. سو ڪجهه ٿيندي نظر نه پيو اچي يا اهو ڪجهه ٿي ويندو جنهن جي يا ته توقع آهي يا پڪ يعني هتي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ڪو ماڻهو رات پيٽ ۾ هيرو ۽ ڪو ڏينهن ڏٺي ۾ زيرو ٿي سگهي ٿو. اسيمبليون ٽٽي به سگهن ٿيون پر جيڪڏهن پرويز الاهي پنهنجي سياسي مستقبل جي باري ۾ “ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو” تي آيو ته هو ن ليگ جي سهڪار سان پنهنجي وڏ وزارت کي ڊيگهه ڏئي سگهي ٿو. اندازو لڳايو ته عمران خان جن وڏن وزيرن کي ساڻ ڪري اسيمبلين کي ٽوڙڻ جو اعلان ڪري ٿو ته ٺيڪ ٻئي ڏينهن هڪ وڏو وزير ان جي نفي ڪري ٿو ۽ چئي ٿو ته، “اسٽيبلشمنٽ نٿي چاهي ته اسمبليون ٽوڙجن.” هي ڳالهه ڪرڻ وارو ڪو ٻيو نه پر اهو ساڳو پرويز الاهي آهي جنهن کي عمران خان ڪنهن دور ۾ سخت ناپسند ڪندو هو. ساڳي طرح سان لال حويلي واري پنڊي بواءِ جي لاءِ ته هو چوندو هو ته مان هن کي پنهنجو چپڙاسي به نه رکان .

عمران خان جي ماضي بعيد وارن بيانن جي باوجود اسان سڀني ڏٺو ته 2018ع جي عام چونڊن بعد ڇا ٿيو اها ڪهاڻي گهڻي پراڻي ناهي. عمران خان کي جن کي آڻڻو هو انهن ئي حڪومت سازي ۾ به سندس خوب مدد ڪئي ۽ هن کي انهن سان ئي گڏي ويهاريو ويو جن کان هن کي چڙ يا ڪراهت هئي. سنڌ مان ايم ڪيو ايم هن جي لاءِ نفيس بڻجي وئي، پنجاب ۾ پرويز الاهي هن کي پرين پيارو ٿي ويو ۽ شيخ رشيد هن کي اپوزيشن جي لاءِ مولاجٽ نظر اچڻ لڳو. ملڪي ادارا هن کي هڪ صفحي تي نظر اچڻ لڳا. يعني سندس  پوڻن چئن سالن  واري دور ۾ جيڪڏهن ملڪ ۾ کير جون نديون نه به وهي رهيون هيون تڏهن به آشيرواد جو هٿ هن تان ڪڏهن به نه هٽيو. معاملا ان وقت خرابي طرف وڃڻ لڳا جڏھن هن کي ھي چيو ۽ سمجهايو ويو ته احتساب تي نه پر ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏيو. ان بعد هن پاڻ کي وزيرِ اعظم سمجهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن هن ملڪ ۾ جيڪو واقعي پاڻ کي وزيرِ اعظم سمجهڻ لڳندو آهي ته ان کي مکڻ مان وار وانگي ٻاھر ڪڍي ڦٽو ڪيو ويندو آهي. عمران خان ٻين سياسي اڳواڻن جي ڀيٽ ۾ هڪ حوالي سان وڏو خوشنصيب آهي جو هن کي آئيني طريقي سان هٽايو ويو. ۽ هن کي کيڏڻ لاءِ سياسي ميدان به ڏنو ويو. بعد ۾ ھن جيڪي ڪجھھ ڪيو انھن سڀني جو نتيجو ھي وڃي بيٺو آهي تھ احتجاجن مان ڪجهه ڪونه وريو. ڌرڻن ۽ جلسن مان ڪا هڙ حاصل نه ٿي. لانگ مارچ رانگ مارچ ۾ تبديل ٿي ويو سو، ھن پاران ڪيل اسيمبليون ٽوڙڻ وارو اعلان به لڳي ٿو اعلان تائين محدود رهجي ويندو ڇاڪاڻ جو پرويز الاهي جي هاڻوڪي انٽرويو ۾ ته ايئن ئي ٿيندي نظر اچي ٿو. 18 ڊسمبر تي پرويز الاهي جنهن قسم جو انٽرويو ڏنو آهي ۽ پنهنجي ان انٽرويو ۾ هن جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن. پنهنجي احسان مند ۽ عمران خان سان بيوفائي ڪندڙ شخص جو جهڙي طرح سان ذڪر ڪيو ۽ دفاع ڪيو آهي ان مان ته هي صاف ظاهر ٿو ٿئي ته عمران خان جي اعلان کي ڪاميابي نصيب ڪونه ٿيندي. ممڪن آ سندس سياست ايئن ئي هلندي رهندي جيئن هو ماضي ۾ ڪندو رهيو آهي. هي پاڪستاني سياست جي راند آهي. جهڙي طرح “ڪرڪيٽ باءِ چانس” واري راند آهي بلڪل ساڳي طرح سان “سياست باءِ آرڊر” واري ڪرت آهي. ڪرڪيٽ باءِ چانس ته قسمت جو کيل آهي پر سياست باءِ آرڊر گهٽ ۾ گهٽ اسان جي ملڪ ۾ قسمت جو کيل نه پر اسٽيبلشمنٽ جي هٿن جي راند آهي ۽ اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمنٽ اها راند خوب کيڏي ٿي جنهن جو اقرار پرويز الاهي پنهنجي ساڳئي انٽرويو ۾ هنن لفظن سان ڪري رهيو هو ته، “سياستدانن کان وڌيڪ اسٽيبلشمنٽ سمجهدار آهي. اسٽبلشمنٽ چاهي ٿي ته هي نظام هلندو رهي. اسيمبليون مدو پورو ڪن.”

پرويز الاهي جي هن بيان مان ته هن ڳالهه جي تصديق ٿي وڃي ٿي ته عمران خان هن کي پاڻ سان گڏ زبردستي ويهاريو هو. اسيمبلين کي ٽوڙڻ جو اعلان ته ڪيو ويو پر اهو اعلان نه پرويز الاهي کي وڻيو آهي نه انهن کي جن جي لاءِ پرويز الاهي ميڊيا تي اچي صفائي پيش ڪئي آهي جيڪا سندس سياسي مجبوري هئي ٻي صورت ۾ هن جا مالڪن سان معاملا خراب ٿي وڃن ها. هن پنهنجي انٽرويو ۾ سنئون سڌو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته اهي اسان تي ڪاوڙيل آهن. پرويز الاهي هي به چيو ته اڳوڻي آرمي چيف هن کي فون ڪري هي شڪايت ڪئي آهي ته، “عمران خان توهان جي سامهون منهنجي خلاف بيان ڏئي رهيو هو ۽ توهان ان سان گڏ ويٺا آهيو.” هاڻي جڏهن عمران خان پنهنجي حڪومتي ڪارڪردگي، حڪومت وڃائڻ ۽ سياسي ناڪامين جو ذميوار اڳوڻي آرمي چيف کي ڄاڻائي ٿو ۽ چئي ٿو ته منهنجي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ ۽ ٽيهن سالن کان ملڪ لٽيندڙن کي آڻيندڙ هڪ ئي شخص آهي ته ڇا اسان هي سمجهون ته سائفر سازش وارو بيانيو ڍونگ هو. ڇا اسان ان الزام کي به ڪوڙ ڄاڻون جيڪو هو آمريڪا تي لڳائي رهيو هو. هن وقت هو اڳوڻي آرمي چيف کي به ساڳي قطار ۾ آڻي ٿو جنهن قطار ۾ هن پ پ پ جي ڪو چيئرمين ۽ ن ليگ جي سربراهه کي بيهاري ڇڏيو آهي. عمران خان مالڪن سان ڦٽائي پنهنجي حڪومت تھ وڃائي ڇڏي پر جيڪڏھن هو “مان نٿو مڃان” واري سوچ کڻي ھلندو رھيو تھ ممڪن آ تھ ھو سياست مان به ٻاھر ٿي وڃي. هن تي ڪيس هلي رهيا آهن. ڪيسن جا فيصلا رستن ۾ آهن. جيڪڏهن هو سمجهي ٿو ته سياست صرف سياستدانن جو ڪم آهي ته هن کي پنهنجي هن موقف کي اصولي بڻائڻو پوندو. جيڪڏهن هو اسيمبلين ٽوڙڻ کي پنهنجي مقبوليت سمجهي ٿو ۽ ٻيهر وڏي مارجن سان کٽڻ جا خواب ڏسي ٿو ته هن کي اسٽيبلشمنٽ جي آسري تي نه پر پنهنجي پيرن تي بيهي سياست ڪرڻي پوندي. ايندڙ عام چونڊن ۾ هن کي پنهنجي ڀرپور تياري ۽ عوامي فلاحي پروگرام هيٺ سياست ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي پارٽي جي منشور تي ڪم ڪرڻ گهرجي. ملڪي معيشت جي لاءِ سوچڻ گهرجي ۽ سڀني سياستدانن سان گڏجي معيشت جي چارٽر تي ڪم ڪرڻ گهرجي. پر مسئلو هي آهي ته اسان وٽ سياستدان جڏهن اقتدار ۾ اچن ٿا ته هنن جاڪم عوام دشمن ۽ عمل پاڻ کي فائدو ڏيڻ ۽ سگهارن ادارن سان ها ۾ ها جي لاءِ هجن ٿا. جنهن جو خاص سبب هي آهي ته اهي اقتدار ڇڏڻ نٿا چاهن. باوجود هي ڄاڻڻ جي ته اهي اقتدار ۾ ته ضرور آهن پر بي اختيار ھوندا آھن. عمران خان جي سياست مان ڪڏھن ڪڏھن محسوس ھي ٿيندو آھي تھ ھن جي بيانن جو نه ڪو نوٽيس ٿو ورتو وڃي ۽ نه ڪير هن کي سنجيدا ٿو وٺي. شايد هي پيغام ڏيڻ جي لاءِ ته توھان پنھنجي حيثيت وڃائي چڪا آھيو. توھان جي ڪنھن بھ عمل، بيان، جلوس يا جلسيِ سان اسان تي ڪوبھ فرق ڪونھ پوندو. پرويز الاهي آصف زرداري لاءِ چئي ٿو ته “آصف زرداري وڏي دل وارو ماڻهو آهي.” ن ليگي اڳواڻن لاءِ فر،مائي ٿو ته “نواز شريف ۽ مريم نواز سياست ۾ ڊگهي نظر رکڻ وارا سياسي اڳواڻ آهن.” ساڳئي وقت هو شهباز شريف کي خالي ماڻهو ۽ محترما بينظير ڀٽو شهيد جي زيادتين جون ڳالهيون به ڪري ٿو. هڪ طرف عمران خان جو اسيمبلين کي ٽوڙڻ وارو اعلان آهي ته ٻئي طرف پرويز الاهي جو انٽرويو آهي. هن جمعي تائين مقابلو عمران خان ۽ اتحادي حڪومت جي وچ ۾ نه پر عمران خان جي اعلان يعني خواهش ۽ پرويز الاهي جي انٽرويو يعني نيت جي وچ ۾ آهي سو ڏسنداسين ته سياستدانن کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ سمجهدار آهي يا اسٽيبلشمينٽ کان وڌيڪ سياستدان سمجهدار ثابت ٿيندا. ٻيو وري پرويز الاهي خلاف گڏيل اپوزيشن بي اعتمادي جي رٿ به جمع ڪرائي ڇڏي آهي سو صورتحال جمعي تائين يا ان بعد چٽي ٿي ويندي ته سياست جو اٺ ڪهڙي پاسي تي ٿو ويهي.