سياستدانن جي ڪرپشن جي سزا معاشرو ڀوڳي رهيو آهي:سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد

0
172
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پبلڪ سروس ڪميشن اميدوارن جا انٽرويوز لائيو اسٽريم ذريعي وٺڻ جو حڪم
سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پبلڪ سروس ڪميشن اميدوارن جا انٽرويوز لائيو اسٽريم ذريعي وٺڻ جو حڪم

حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد چيو آهي ته سياستدانن جي ڪرپشن جي سزا معاشرو ڀوڳي رهيو آهي، مڊل مين جو ڪردار ادا ڪندڙ جوابدارن کي سزا کان سياستدان به نه بچائي سگهندا، اهڙن ماڻهن کي جيل جي هوا ضرور لڳڻ گهرجي

عدالت ۾ موٽر وي ميگا اسڪينڊل ڪيس ۾ نامزد سياسي شخصيت جي پي ايس  اسلم پيرزادو جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي

 جوابدار جي وڪيل چيو ته نيب وٽ اسلم پيرزادو خلاف ڪو به ثبوت ناهي، ان ڪري پڪي ضمانت منظور ڪئي وڃي، جاچ آفيسر چيو ته جوابدار اسلم پيرزادو رقم ڪڍرائي، هن ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار اڳوڻي ڊي سي مٽياري کان ورتل گاڏيون به استعمال ڪيون

 جسٽس اقبال ڪلهوڙو رمارڪس ۾ چيو ته مڊل مين جو ڪردار ادا ڪندڙ جوابدارن کي خوشفهمي آهي ته هو پاڻ کي بچائي ويندا، اهڙن جوابدارن کي اڳتي سزا کان سياستدان به نه بچائي سگهندا، عدالت پاران نيب کي ثبوت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

هي به پڙهندا

موٽر وي اسڪينڊل ۾ ڪرپشن جو اعتراف: مک جوابدار پئسا واپس ڪرڻ لاءِ راضي